بلوچن جي ڏک کي سمجهڻ جي ضرورت آهي

ڪيترن سالن کان شايد ملڪ جڙڻ کان ٿورو عرصو پوءِ سنڌ جيان لڳاتار بلوچستان سان پڻ زيادتيون هلندڙ آهن جن جو اڄ تائين ڪو نتيجو نه نڪتو آهي. بلوچستان جو ڏک ڇا آهي هن ملڪ جون حڪومتون ان ڏک کي ڪيترو دورڪري سگهيون آهن يا ان ڏک کي ختم ڪرڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪري رهيون آهن اهڙو ڪو به عمل هتان جون اهي مڙئي قومون ۽ ٻوليون توڻي ڌر تيون ڏسي رهيون آهن، ساڳئي وقت اهو سوچي به رهيون آهن هر ايندڙ حڪومت اهو ورجائي رهي آهي ته بلوچن سان ٿيل ذيادتين جو ازالو ڪيو ويندو پر اهو بيان به فقط پريس جي زينت بڻجڻ تائين قائم رهي ٿو، عملي طور بلوچن جي حقيقي ڏک ڏانهن حڪومتون توڻي رياست جا والي سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏيئي رهيا آهن، نه فقط ڌيان نه ڏئي رهيا آهن پر بلوچستان کي ان مني صديءَ کان ملندڙ ڏکن ۾ واڌاروڪري رهيا آهن بلوچستان جون حالتون هر ڏينهن ٺيڪ ٿيڻ جي بجاءِ ناٺيڪ ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهن ۽ هاڻ ته انهن ڏکوئيندڙ حالتن جو روئڻڪار ڪو آواز ملڪ جون حدون اورانگهي عالمي ميڊيا ۾ پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، خبر نٿي پوي ته اهو آواز هن ملڪ جي ڌڻين توڙي حڪومتن جي ڪنن کان ڇو ڏور آهي جڏهن ته رياست جي مرڪز کان نڪتل هر ننڍو توڻي وڏو آواز ملڪ جي مڙني ماڻهن جي ڪن تائين پهچڻ ۾ ڪي سيڪنڊ ئي لڳن ٿا.

تازين ميڊيائي خبرن ۾ هڪ اهم خبر اها به آهي ته هڪ بلوچ شاعره حبيبه پير جان کي ڪراچيءَ مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. حبيبه پير جان هڪ آرٽسٽ ۽ شاعره آهي. سندس خاندان جو چوڻ آهي ته هن جو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ توڻي گروپ سان ڪو به تعلق نه آهي. سندس ڏوهه اهو آهي ته هوءَ بلوچ آهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو الڳ الڳ سوچ ويچار رکندڙ آهن، هر شخص هڪ پنهنجو ويچار رکڻ جو بنيادي حق رکي ٿو ۽ ويچار جي حوالي ۾ ڪنهن کي کنڀي گم ڪرڻ ڪنهن به طرح انساني حقن جي خلاف آهي، ايئن بلوچ نوجوانن جو به بنيادي حق آهي، سندن اهو حق اڄ عالمي دنيا ڌيان سان ٻڌي رهي آهي، هنن کي ٻُڌو اڻ ٻُڌو فقط هيءَ رياست ڪري رهي آهي.

هڪ شاعره، آرٽسٽ کي کنڀي گم ڪرڻ وارو هي عمل ڪنهن به طرح نندڻ جهڙو آهي هيءُ عمل بلوچستان جي ماڻهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. اڄوڪي ميڊيا ۾ سياست ۽ مذهب جي نالي ۾ ڇا ٻڌجي رهيو آهي، رياست ان سڀ کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي ۽ ڪن موقعن تي حڪومت ۽ ادارن جي هر عمل کي چيئلنج ڪرڻ وارن کي مٺا پاڻي پياري ڀاڙا ڪرايا لفافن ۾ ڏئي گهر روانو ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف پنهنجي گهرن مان آرٽسٽن، اديبن ۽ شاعرن توڻي شاعرائن کي ڪنهن خاص مقصد هيٺ کنڀي گم ڪرڻ جي پريڪٽس به جاري آهي. اهڙي موڙ تي اهو سمجهيو پيو وڃي ته اهي بلوچستان جي اڀرندڙ آواز کي روڪي سگهندا؟

اسانجو چوڻ ايترو آهي ته ويچار جو، سوچڻ جو ۽ آواز جو احترام ڪيو وڃي جيستائين اُهو آواز ٻڌو نه ويندو، ان آواز کي ختم ڪرڻ لاءِ اُپاءُ نه ورتا ويندا، تيستائين اُهو آواز بند ٿي نه سگهندو! جيڪڏهن اهو آواز واسطيدار ڌرين جي خلاف وڃي رهيو آهي ۽ بي سبب وڃي رهيو آهي ته ان کي ختم ڪرڻ جو طريقو کنڀي گم ڪرڻ نه آهي آئين، قانون، عدالتون اهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ موجود آهن. انهن کي آزمايو وڃي.

ٻيو طريقو اهو آهي ته، جيڪڏهن ان ويچار توڻي آواز جا ڪي سبب سچ پچ وجود رکن ٿا ته پوءِ انهن شين تي ويچاريو وڃي ۽ انهن سببن کي ظاهر ڪري انهن کي پاڙان پٽيو وڃي، بلوچستان جي معاملي ۾ ايئن نٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري سبب جيئن جو تيئن موجود آهن، جنهن کي ڏاڍ يا ڏنڊي سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. نتيجو! عمل جيترو شديد آهي رد عمل ان کان وڌيڪ شدت وارو آهي. مسئلو اتي جو اتي آهي جنهن لاءِ ڪو به سڌو رستو نظر نه اچي رهيو آهي.

معاملن کي جڏهن نبيريو نه ويندو آهي ته نتيجو اهڙو نڪرندو آهي جيڪو اڄ ڪلهه ملڪ ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي ۽ بدنصيبي اها آهي ته اهو نتيجو ڪراچيءَ ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي. هڪ طرف ڪنهن به موت مار بم ڌماڪي ۾ ڪنهن عورت جو شامل هجڻ توڻي ڪنهن سبب  ڪري عورت جو کنڀجي وڃڻ ٻئي نتيجا بلوچن جي اندروني ڏک کي ته ظاهر ڪن ٿي ٿا پر انهن جي ظاهريت ڪراچيءَ مان نروار ٿيڻ هتان جي ماڻهونءَ جي مزاج جي خلاف آهي مسئلن کي حل ڪرڻ جا هي ٻئي طريقا قبولڻ جوڳا نه آهن، قبولڻ جهڙا سڀني مسئلن جا حل موجود آهن جيڪي ظاهر ٿيڻ گهرجن ڪنهن به طرح اهڙا عمل درست نه آهن.

اهڙا عمل اڳتي هلي هن ملڪ توڻي ماڻهن کي وڌيڪ نقصان ڏيڻ وارا آهن ان ڪري حڪومت توڻي ادارن کي ان طرف سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي شاعر، اديب ۽ آرٽسٽ ملڪن ۽ قومن جو آواز هوندا آهن ۽ اهو آواز محبت ۽ امن جو هوندو آهي. شاعره ۽ آرٽسٽ حبيبه پير جان بلوچ جو آواز به محبت ۽ امن جو آواز آهي جنهن کي سمجهڻ جو هي نرالو طريقو آهي جيڪو بنهه اڻ وڻندڙ آهي. جيڪو قبول ڪرڻ جهڙو نه آهي.حڪومت خاص طور سنڌ حڪومت ۽ سندس هٿ هيٺ هلندڙ ادارن پاران ڪجهه سالن کان جيڪا ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ واري روايت شروع ڪئي وئي آهي اها مناسب نه آهي ملڪ ۾ اهڙن مڙني عملن لاءِ ادارا موجود آهن جن کان رهنمائي حاصل ڪئي وڃي نا مناسب طريقا استعمال ڪرڻ سان نه فقط انهن ملڪي مانوارن ادارن جي ٻه طرفي بدنامي ٿي رهي آهي پر گڏيل نموني ملڪ جي آبروءَ تي پڻ هڪ سواليه نشان اڀري آیو آهي. جيڪو اسان سڀني ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن کي هڪ ڏک سان گڏ غصي جي لهر مان گذاري رهيو آهي ساڳي وقت عالمي ميڊيا ۾ ملڪ توڻي ادارن جي ساک پڻ متاثر ٿي رهي آهي ۽ ان جو سبب اسان پاڻ بڻجي رهيا آهيون.

گذارش اها آهي ته ملڪ جا واڳ ڌڻي، اديبن، شاعرن ۽ آرٽسٽن جو احترام پنهنجو سمجهڻ شروع ڪن انهن آرٽسٽ شاعرن ۾ حبيبه پير جان بلوچ به آهي سندس زندگيءَ ۾ آرٽ سان گڏ سياست يا مزاحمت آهي ته ان سان نبرڻ جو طريقو اهو نه آهي. اسانجو چوڻ ۽ لکڻ اهو آهي جنهن ڏانهن ضرور ڌيان ڏيڻ جڳائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.