سالياني بجيٽ ، خدشا ۽ امڪان

غلام حسين جوڻو

ملڪ جي ڪار وهنوار کي هلائڻ لاءِ هر سال جون مهيني ۾ سالياني بجيٽ جو اعلان ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ آمدني جا ذريعا ۽ وسيلا نظر ۾ رکيا ويندا آهن. سڄي سال ۾ ڪيترو خرچ ٿيندو ان جو ڪاٿوبه لڳايو ويندو آهي. بجيٽ ۾ شين جي اگهن جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ عوام جي خوشحالي ۽ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن کي وڌائڻ لاءِ اعلان ڪيا ويندا آهن. ملڪ جي ترقي جو دارو مدار ملڪي بجيٽ تي آهي. آئون پنهنجي عمر جون پنجهٺ ساليانيون بجيٽون ٻڌي چڪو آهيان. منهنجو اهو مشاهدو رهيو آهي ته ، بجيت ۾ ڪيل اعلانن تي سڄو سال عمل ڪيو ويندو آهي. پر، هاڻ چند سالن کان وٺي جيڪي بجيٽون پيش ڪيون وينديون آهن. سي، سموريون انگن جي هيرا ڦيري ڪري، عوام کي ڌوڪي ۾ رکي ٻڌايون ويون آهن. جن تي ڪو به عمل ڪونه ڪيو ويو آهي. روزانه شين جا اگهه وڌندا رهيا ۽ گهڻي وقت تائين نافذ العمل به رهي ڪونه سگهيا آهن. پري وڃڻ جي ڪا به ضرورت ڪونه آهي. اهڙو مثال گذريل بجيٽ مان به وٺي سگهجي ٿو. حڪومت بجيٽ اجلاس کان ڪيترائي ڏينهن اڳ چوندي رهي ته ، هي بجيٽ عوام دوست بجيٽ آهي. عوام کي رليف ڏنو ويندو. ڪا به مهانگائي ڪونه ٿيندي. اها بجيٽ ملڪ جي بهترين بجيٽن مان هڪ هوندي. جيڪا هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي. ساليانه بجيٽ جو ڏهاڙو آيو. سڄي بجيٽ پيش ڪئي وئي. ملڪ جا سياستدان ان کي انگن اکرن جي هيرا ڦيري قرار ڏيڻ لڳا. عوام جي گهڻائي به ساڳئي راءِ جي هئي. بجيٽ منظور ٿيڻ کان پوءِ اهڙو حشر ٿيو جو روزانه شين جا اگهه وڌايا ويا. خاص ڪري پيٽرول ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري عوام پريشان حال ٿي ويو. جيڪا بجيٽ پيش ڪئي ويئي ان تي ذري جيترو به عمل ٿي ڪونه سگهيو. بس نالي ماتر بجيٽ هئي. هڪ خانه پوري ڪئي ويئي. جنهن کي هر لحاظ کان نظرانداز ڪيو ويو.

خير اها بجيٽ ، هاڻ ماضي جو قصو بنجي چڪي آهي. ان تي گهڻو بحث ڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو. هاڻ نئين مالي سال 2023-2022 جي بجيٽ پيش ڪرڻ جون تياريون زور شور سان شروع ڪيون ويون آهن. معاشيات جا ماهر ، ان سلسلي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته هن وقت ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري ڏانهن وڃي پئي. جنهن جا کوڙ سارا ڪارڻ آهن. تن تي الڳ بحث ڪرڻ وقت جي اشد ضرورت آهي. ان تي ٻيهر قلم کڻندس. باقي هن سال جون مهيني ۾ جيڪا بجيٽ  پيش ڪئي ويندي. ان تي هينئر سان ئي آڱريون کڄي رهيون آهن. شڪ شهبا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته اها عوام جي فلاح بهبودي ۾ ٿي نه ٿي سگهي. ان بجيٽ ۾ مالدار ماڻهن کي وڌيڪ فائدا ڏنا ويندا. جڏهن ته عوام ، خاص ڪري پورهيت ۽ ڏهاڙي ’ڪمائيندڙ طبقي کي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙيو ويندو. ڏسجي ته ، اهو خدشو ڪيتري قدر صحيح ٿو ٿئي. ان باري ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ سان خبر پئجي ويندي. ان کان پوءِ اعلانيه بجيٽ تي عمل ڪيتري قدر ٿئي ٿو. اها به بعد ۾ خبر پوندي. بهرحال ان باري ۾ هاڻ راءِ ڏيڻ قبل از وقت جي ڳالهه آهي. باقي ماهرن جي چوڻ موجب ، ڄاڻايل بجيٽ ۾ ، امپورٽيڊ موبائيل فون ، گاڏيون ۽ گهريلو سازو سامان مهانگو ڪيو ويندو. درآمدي شين تي ڊيوٽيز جي شرح ۾ سو سيڪڙي جي واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. روزانه استعمال ٿيندڙ عام شين تي به ٽئڪس وڌائڻ جون تياريون شروع آهن. اڃا وڌيڪ تفصيل معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي. باقي جيڪو ٻڌايو پيو وڃي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ، مذڪوره بجيٽ عوام دوست هر گز ڪانه هوندي. عوام کي مهانگائي جي ڪڙي گوري ڳهڻي پوندي. جيڪا هر سال عوام کي ڳهڻي پوندي آهي.

ڪن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ، سرڪاري ملازمن ۽ پينشرن جي پگهارن ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ تي غور ڪيو پيو وڃي. ان باري ۾ ايترو ضرور چوندس ته ميان محمد شهباز صاحب وزير اعظم پاڪستان ، پنهنجو عهدو سنڀالڻ سان ئي ڏهه سيڪڙو پگهارن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو. پر، ان تي اڄ ڏينهن تائين عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي. هاڻ ممڪن آهي ته ، ان ئي اعلان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سالياني بجيٽ 2023-2022 ۾ اعلان ڪيو وڃي. جڏهن ته مهانگائي سو سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿي آهي. جنهن ڪري پگهارن ۽ پينشن ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ ناڪافي آهي. جنهن مان ملازمن کي ڪو خاص رليف ڪونه ٿو ملي سگهي ۽ نه وري ڪا ٽيڪ اچي سگهي ٿي. اها وقت جي تقاضا آهي ته ، ڏهه سيڪڙو واري فيصلي تي نظر ثاني ڪري پنجاهه سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. ٻي حالت ۾ بيان ڪيل طبقي جو گذران ڏکيو ٿي پوندو ۽ زندگي جي ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ سراپا پريشان ٿي ويندا. جنهن ڪري سندن بي چيني دور ڪرڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان سرڪاري ملازم ۽ پينشنر به گهڻن مشڪلاتن مان نڪري سگهن ٿا.

منهنجي ڄاڻ موجب گذريل هڪ سال دوران دوائون پنجاهه سيڪڙي کان به وڌيڪ مهانگيون ٿيون آهن. هاڻ اشارا ملي رهيا آهن ته ، نئين مالي سال 2023-2022 جي بجيٽ ۾ اڃا وڌيڪ مهانگيون ٿينديون. جڏهن ته عوام کي سستي علاج جي سهولت ڏيڻ حڪومت جي اهم ذميواري آهي. صحت جون سهولتون ، عوام جي بنيادي سهولتن مان هڪ آهن. پر، اسان جي ملڪ ۾ علاج تمام گهڻو مهانگو ٿيندو پيو وڃي. ڊاڪٽرن جون ڳريون فيون ۽ دوائن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ، مريضن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي. ڪيترائي مريض اهي دوائون خريد ڪري نه ٿا سگهن. جنهن ڪري تڙپيو ، تڙپيو مريو وڃن ٿا. هاڻ ويتر دوائن کي وڌائڻ سان موت جي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.  ان صورت ۾ صحتمند معاشرو قائم ٿي نه ٿو سگهي. اهڙو سنوڻ هڪ مهذب ملڪ لاءِ سٺو عمل ڪونه آهي. حڪومت کي گهرجي ته ، دوائن تي وڌيڪ ٽئڪس نه هنيو وڃي. ايئن ڪرڻ سان اهي وڌيڪ مهانگيون ڪونه ٿينديون. ان کان علاوه هر کاڌي پيتي جي شين تي به واڌو ٽئڪس هڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن غريب عوام الناس وڌيڪ مهانگائي جي بار کڻڻ کان بچي سگهي.

ياد رهي ته ، ملڪ جي بجيٽ جيڪا ڪجهه ڏينهن اندر پيش ڪئي ويندي. سا، ڪنهن به انگن جي هيرا ڦيري کان پاڪ هجي. اها حقيقت آهي ته ، مذڪوره بجيٽ مالي خساري، واري هوندي. ملڪ تي قرضن جو بار به گهڻو آهي ۽ بيروني قرضن ۾ ٻڏو پيو آهي. جنهن ڪري هن بجيٽ ۾ ، قرضن کان ڪنهن حد تائين آجو ٿيڻ لاءِ به سوچڻ گهرجي ۽ اهڙي بجيٽ به پيش نه ڪئي وڃي جو ، امير ۽ شاهوڪار ماڻهن کي فائدا ڏنا وڃن ۽ غريب عوام سان ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي. ان صورت ۾ امير، امير ترين ٿي ويندو ۽ غريب ، غريب ترين ٿيڻ جي امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. هتي ته هميشه ايئن ٿيندو رهيو آهي جو ، اميرن کي عوام سمجهي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون. جڏهن ته ، غريبن کي هتان جو رهواسي ئي نه ٿو سمجهيو وڃي. ان ڪري ڪا به سهولت ۽ رعايت ڪونه ٿي ڪئي وڃي. اهڙي بجيٽ پيش ڪرڻ سان اصل مقصد حاصل ڪونه ٿا ٿين.

اميد ته موجوده حڪومت بجيٽ پيش ڪرڻ مهل عوام جي خدشن ۽ امڪانن کي به ذهن ۾ رکندي. ايئن ڪرڻ سان حڪومت تي جيڪي بجيٽ کان اڳ ۾ آڱريون کڄي رهيون آهن ۽ تنقيد ڪئي پئي وڃي. اهڙي صورتحال پيدا ٿي ڪونه سگهندي. بهرحال هن وقت بجيٽ پيش ٿيڻ جو انتظار آهي. جنهن تي ٻڌي ، سمجهي ۽ محسوس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حتمي راٰ ڏيئي سگهجي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.