گاج ڊائيوريشن بند ايندڙ سانوڻي کان اڳ مڪمل ٿي سگهندو؟

محمد اسماعيل لانگاھ 

ڪاڇي جو گاج ڊائيوريشن بند هڪ اهڙو خطرناڪ منصوبو آهي جتي وفاقي حڪومت, سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتو هر سال ان جي مرمتي ڪم جي آڙ ۾ لکين رپيا ھضم ڪري ٿو, ۽ علائقي جي لکين ماڻهن کي ڪروڙين رپيا نقصانن ۾ وجهي ٿو ۽ ان جا سبب اهي آهن هي منصوبو سرڪار لاءِ ڪمائي جو ڄڻ وسيلو بڻجي ويو آهي جو ان کي گاج نئين جي خونخوار وهڪرن کان اڄ تائين تباهين کان بچائڻ لاءِ ڪا به سنجيده جامع منصوبا بندي نه جوڙي وئي آهي, جڏھن به مون سون برساتون شروع ٿين ٿيون ھن بند جي تباهي علائقي واسين لاءِ اڳواٽ اطلاع کڻي اچي ٿي ۽ هن بند ٽُٽل هئڻ سبب گذريل اڌ صدي کان به وڌيڪ جو عرصو گذري وڃڻ باوجود هي منصوبو سرڪار کان مڪمل ۽ مضبوط نٿي سگهيو آهي. هر سال سانوڻي جي غير معمولي برساتن سبب ازخود هتان جي لکين ماڻھن ۾ خوف ڇانيل رهيو آهي ۽ هي خوف وارو سلسلو ڪڏھن ختم ٿيندو ان لاءِ سرڪار وٽ ڪهڙي رٿابندي طئي ٿيل آهي اڄ تائين ان جي ڪا خبر نٿي پوي.

سن 1947 کان مختلف وقتن  تي آيل ٻوڏن ۽ سن 2019کان لاڳيتو  ٽن سالن تائين سانوڻي جي خطرناڪ وهڪرن  ۽ بند ٽُٽڻ سبب هتي جيڪو نقصان ٿيو آهي ان ۾ نه صرف عام ماڻھن کي تڪيلفون آيون آھن ان ۾ سرڪار جي پريشانين ۾ به اضافو ٿيو پر اهو ڪُجھه ڏينهن لاءِ ۽ هتان جي ماروئڙن جا جيڪي گهرگهاٽ فصل تباه ٿين ٿا ان جي معاوضي جو ڪو حق ادا نٿو ڪيو وڃي ڇو ته سرڪار کي خبر آهي ته بند ٽُٽل هئڻ سان جيترو وڌيڪ نقصان ٿيندو سرڪار کي اوترو وڌيڪ منافعو ملندو هي بند آبپاشي کاتي سنڌ ۽ دادو ڊويزن جي عملدارن لاءِ سوني جهرڪي بڻيل آهي بند ٽُٽڻ جو هي پهريون واقعو ناهي سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب مرمت ۽ مالڪي نه ٿيڻ ڪري هر سال جي سانوڻي ايندي  ئي لکين ماڻھن جو ساه مُٺ ۾ اچي وڃي ٿو اڌ صدي گذري چُڪي آهي جنهن ۾ تقريبن پنج کان ڇھه ٻوڏون آچي چڪيون آهن جنهن سبب سڄي تباهي جو سبب هي موتمار رٿا گاج ڊائيوريشن بند آهي پر حڪومت جي نااهلي سبب هن وقت تائين هن رٿا کي مڪمل نه ڪيو ويو آهي سانوڻي جي موسم ايندي ئي سرڪار کي گاج بند جي مرمتي ڪم ۾ انڪري هٿ وجهي ٿي  ته سانوڻي جي ٻوڏن جو سڌو رخ ۽ زور هن بند تي هجي ٿو ڪم به نٿي سگهندو سرڪار لاءِ ھڪ جواز ٺھي ويندو آهي پئساڪمائڻ ۽ بچائڻ جو, سرڪار جي ان بيحسي جو هزارين انسانن کي ڪيترو افسوس ٿئي ٿو جيڪي سانوڻي جي مهينن ۾ پنهنجا اباڻا اجهي ڇڏي دربدر ٿين ٿا

ھن وقت گاج ڊائيوريشن بند جو ٽن اربن جي ٺيڪي سان جيڪو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي ئي طريقي سان سن 2011ع ۾ به ايئن ئي ڪيو ويو هو ڪم شروع ٿيندي ئي برساتن جو سلسلو به شروع ٿي چُڪو هو ۽ جنهن ڪري تڙ تڪڙ ۾ ڪرايل۽  مڪمل ڏيکاريل ڪم نئين گاج جي وهڪرن ۾ لُڙھي ويو ۽ ان وقت ڪم ايترو گهڻو نه هو پر پوءِ به برساتن جي ور چڙھيل بند ته ڀڳو ۽ هزارين ماڻھون به متاثر ٿيا ۽ علائقي جو روڊن رستن جو نشان به نه رهيو جيڪي اڄ تائين مرمت نٿي سگهيا آهن

ذڪر ان ڳالهھ جو ڪجي ٿو ته جيڪڏھن سرڪار کي ڪرپشن ڪري پئسو ڪمائڻو آهي ته پوءِ اهو گاج بند جي مرمت جي صورت ۾ ڇو اهڙا ٻيا به کوڙ پروجيڪٽ ھوندا جتي سرڪاري عملدار جهجهي ڪرپشن ڪري پئسو ڪمائي سگهن ٿا, هن بند ٽُٽڻ جي صورت ۾ گذريل اڌ صدي کان علائقي جا سوين ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن شهر ترقي بجاء تباهي طرفي ويندي نظر اچي رهيا آهن روڊ رستا, اسڪول اسپتالون تباه برباد لڳيون پيون آهن جنهن جا ڪارڻ گاج بند جي مرمت تي اچي رُڪجن ٿا ۽ پهرين جيڪي دفعا بند ٽُٽو آهي انجي مرمت جو ڪم مون سون برساتن ۾ ئي شروع ڪيو ويو آهي آخر ايڏي نااهلي جو مظاهرو ڇو ٿو ڪيو وڃي هن وقت بند جهڙي نموني تباه ٿيل آهي نٿو لڳي ته هڪ مهيني جي مختصر عرصي ۾ مرمتي ڪم مڪمل ٿي سگهي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جيڪڏھن ڪم شروع ڪيو پئي ويو ته ان کان پهرين جديد مشينري ذريعي  لڳائي ڪم ڪرڻو هو سُست رفتاري سان ٿيندڙ ڪم تي هتان جي هزارين مقامي ماڻھن پاران خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي

گاج بنگلن کان بند جي وچ ۾ پهرين واري تعمير ٿيل تير ڀت مڪمل طرح ڪمزور ٿي چُڪي ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان پيچنگ ٿيل پٿر ٻوڏن ۾ لُڙھي ويا آهن ۽ بند جي لُڙهي ويل تير ڀت جيڪا بنياد کان نئين سر تعمير ڪئي پئي وڃي جيڪا حقيقت ۾ نئين گاج جي وهڪرن جي سٽ سهڻ جي  سگهه ۾ ناهي ۽ ان کان پوءِ ان کڄندڙ ديوار جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي طرفن کان پٿرن جي پچنگ واري ڪم جو مرحلو شروع ٿيندو جنهن لاءِ وقت گهڻو درڪار آهي ۽ سرڪار ايڏي وڏي ۽ خطرناڪ ڪم ۾ ڪروڙين رپيا سيڙهائي سو به مختصر بچيل ٽائم ۾ شروع ڪيئن ڪيو آهي موسميات کاتي موجب ايندڙ سانوڻي 22 جُون کي شروع ٿي رهي آھي ۽ جنهن لاءِ انتظاميه وٽ صرف هڪ مهينو آهي ۽ ڪم مڪمل ٿيڻ لاءِ تمام گهڻو وقت درڪار آهي جيڪا هڪ افسوس جي ڳالھه آهي سو سرڪار جي هن لاپرواهي ۾ امڪاني ٿيندڙ نقصانن جون ذميواريون ڪنهن تي عائد ڪيون وينديون ،

سنڌ سرڪار سميت تمام ذميوارن کان علائقي جا هزارين رهواسي اهو سوال ڪن ٿا ته ڇا گاج ڊائيوريشن بند ايندڙ سانوڻي کان پهرين مڪمل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.