ملڪ هن نموني ڪيئن هلي سگهندو؟

سڪندر چنو

ڪراچي سميت ملڪ جي وڏن شهر ۾ گاڏيون ذري جي وٿيءَ سان هڪ ٻئي پويان هلن ٿيون. ٻيو ته ٺهيو پر لاڙڪاڻي جهڙي شهر ۾ به گاڏين جي رش ڏسڻ ۾ ايندي آهي ۽ بمپر ٽو بمپر گاڏيون هلن ٿيون. هڪ ته سنڌو درياهه تي لاڙڪاڻو خيرپور پل جي تعمير سان جنهن جو ڪريڊٽ اڳوڻو صوبائي وزير حاجي الطاف حسين انڙ (مرحوم) ڏانهن وڃي ٿو. جنهن 7-2006 ۾ اڳوڻي آرمي چيف ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو لاڙڪاڻي ۾ تاريخي جلسو ڪوٺائي ان کان پل جي پيڙهه جو پٿر رکرايو ۽ ائين AD بلوچ تعميرات ڪمپني پل جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو. پل جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ گاڏين جي آمد رفت ۾ خاطر خواهه اضافو ٿيو آهي. ۽ ان گاڏين جي رش جو اثر لاڙڪاڻي ۾ پڻ نظر اچي ٿو. پر اهڙو اثر نه صرف لاڙڪاڻو پر خيرپور، نواب شاهه، جيڪب آباد، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ نظر اچي ٿو.

پر ڏاڍو افسوس ٿئي ٿو ايترين گهڻين گاڏين هوندي ڏسون ٿا ته پاڪستان جي ڪابه تيار ٿيل گاڏي ناهي. سڀ جو سڀ جاپان جون تيار ڪيل آهن. اسان جا حڪمران انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا آهن. ٻاهران گاڏيون گهرائڻ تي پاڪستان جو وڏو ناڻو خرچ اچي ٿو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي پاڪستان وٽ اهڙا ماهر انجنيئر ناهن جيڪي پاڪستان ۾ بهتر کان بهتر گاڏيون ٺاهي ملڪ جو پئسو بچائي سگهن. ۽ اسين قيمتي پئسو چلهي جي باهه ۾ وجهي ڇڏيون ٿا. گاڏين هلائڻ جو اسان جي ماڻهن کي وڏو شوق آهي. پر افسوس پاڪستان ۾ ڪابه گاڏي تيار ناهي ڪرڻي.

هڪ اندازي موجب پاڪستان رجسٽرڊ گاڏين جو تعداد 2 ڪروڙ 38 لک آهي. انهن ۾ اهڙيون 20 هزار گاڏيون آهن جيڪي هن ڳڻپ ۾ نه آهن. اسان جا حڪمران پوري دنيا ۾ فقيرن وارو ڪشتو کڻي امداد قرض جي نالي تي وٺي ملڪ ۾ آڻيون ٿا. وري ان ۾ 50 فيصد ڪرپشن ڪيون ٿا. باقي 50 سيڪڙو مان ملڪ کي هلايون ٿا. ڪجهه مهينن کان پوءِ وري ڀوڇڻ ڪلهي تي رکي ڪستو کڻي ٻاهرين دنيا ۾ نڪري وڃون ٿا. ڏٺو وڃي ته هر گاڏي سان گڏ پنج ٽائر هوندا آهن. چار گاڏي ۾ لڳل هوندا آهن. جنهن وسلي گاڏي سفر ڪندي آهي ۽ هڪ ٽائر واڌارو ڊڪي ۾ رکندا آهيون ته جيئن وقت سر ڪم اچي.. جيڪڏهن 2 ڪروڙ 38 لک گاڏيون روڊن تي آهن ته پوءِ سمجهو ته 12 ڪروڙن روپين جا صرف ٽائر آهن. ڪڏهن اسان غور فڪر ڪيو آهي ته آخرڪار هي ٽائر اچن ڪٿان ٿا؟ ڏاڍي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هي ٽائر ٻاهرين ملڪن کان اچن ٿا ۽ هن تي به وڏي رقم خرچ ٿئي ٿي. جيڪا پاڪستان جي خزاني مان ناڻو نڪري وڃي ٿو. ٽائرن ٺاهڻ جي پاڪستان ۾ صرف هڪ ئي ڪمپني آهي. ننڍي وڏي گاڏي جي مهانگي ۽ سستي ٽائرن جي اوسطن رقم ڪڍي وڃي ته هڪ گاڏي جو ٽائر تقريبا 40 هزارن ۾ اچي ٿو.

هاڻي اسان جا حڪمران سمجهن ته دنيا آڏو آمريڪي ڊالر جي حاصلات لاءِ فقيرن جيان جهوليون جهليندڙ اسان بادشاهه ماڻهو ڪيترا ارب ڊالر صرف گاڏين تي ۽ ان جي ٽائرن تي خرچ ڪيون ٿا. ۽ اهي ارب ڊالر ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليون ٿا. دنيا ۾ جيڪو به ملڪ ڪابه شيءِ ٺاهيندو آهي ته پهريان مارڪيٽ جي تلاش ڪندو آهي ۽ وٺندڙن جو ريشو ڏسندو آهي. اسان جاپان جا آٽو موبائيل خريدار رهجي ويا آهيون ۽ پاڪستان جاپان جو مارڪيٽ پر اهڙو مارڪيٽ جيڪو ڪڪڙ جيان سونا آنا ڏيندي هجي. سوال آهي ته ڇوءِ ڇالاءِ؟ اسان جو عقل ڪاڏي ويو آهي؟ جيڪڏهن پاڪستان ۾ گاڏيون تيار ٿين ۽ اهي استعمال ڪيون ته ملڪ جو ناڻو بچي پوندو. بلڪل ائين جيئن چين ڪري رهيو آهي. ٺيڪ آ. جاپان مان گاڏيون ۽ ٻيو سامان گهرايون ٿا. پر سوال اهيو به آهي ته ان جي بدلي اسان کي ڇا ٿو ملي؟ ان جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي. سري لنڪا جنهن معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ان جو اهم سبب به اهيو آهي ته سڀ شيون ٻاهران گهرائيندو آهي.

اسان جي سياستدانن جي ذهن ۾ هي ڳالهه ڇو ڪونه آئي آهي ته گاڏيون ملڪ ۾ ٺاهيون وڃن. ٽائر ملڪ ۾ ٺاهيا وڃن جاپان مان جان آزاد ٿئي. اسان جي سياستدانن جي وڏي ۾ وڏي نااهلي آهي يا ڪميشن وٺي خاموش ٿي وڃن ٿا. ڪرپٽ ۽ پاڳل بيروڪريسي ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ 1974 کان وٺي مسلسل سياسي عدم استحڪام جاري آهي. ۽ غير يقيني واري صورتحال ۾ ڪهڙو پاڳل سرمائيندار هوندو جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپ ڪندو. اسان وٽ حڪومتون ٺهنديون ئي ناهن ته انهن جي وڃڻ جون تاريخون اچي وينديون آهن. ميڊيا به انتشار پکيڙيو آهي. سائين منهنجا ملڪ قرض ۽ پنڻ تي ڪونه هلندو. ملڪ ايڪسپورٽ تي هلندو آهي. توهان جي هٿ ۾ ڪيترو پئسو آهي اسان وٽ زراعت تباهه، نهري نظام مفلوج، قدرتي وسيلا ته آهن پر انهن کي استعمال ڪرڻ جا وسيلا ناهن. سبزين وارن وٽ وينداسين ته اهو وڪرو ڪندڙ دڪاندار اسان کي نيوزيلينڊ جي ڪوڙي ٺپي لڳل سبزي ۽ فروٽ ڏيکاريندو آهي. اسان وٽ ڪوئيٽا جو بهترين فروٽ لاوارث حالت ۾ پيل آهي.

قرض وٺي وٺي هاڻي نوبت اهيا اچي پهتي آهي. ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي. آخرڪار قرضن جو پئسو ڪاڏي ويو؟ 70 سالن کان وٺي ملڪ قرضن تي هلي رهيو آهي. آخرڪار پاڻ ڀرو ڪڏهن ٿيندو؟ ۽ ٻاهرين ملڪن کان ملندڙ قرض ڪير کائي ويو؟ زرعي ملڪ ته آهيون پر زرعي مشينري لاءِ به محتاج بڻيل آهيون. اسان کي ٻين ملڪن آڏو هٿ ٽنگيندي شرم ساري به نه ٿي ٿئي؟ سياست ۽ سياسي ويڙهه کان علاوه اسان ڪجهه به ناهي سوچيو. هن وقت اسان ٻرندڙ جبل تي ويٺا آهيون. اسان گهر جا ٿانو ٺڪر وڪڻي گلوبل وليج ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوششن ۾ آهيون. جيڪو في الحال ممڪن ناهي. چاڪليٽ سوئزرلينڊ جو، سگار ڪيوبا جو، گاڏيون جاپان جون ۽ پاڻي فرانس جو گهرجي. اسان جون عياشون تيزي سان وڌي رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.