ڏهرڪي لڳ پر اسرار نموني گم ٿيل نوجوان نه مليو، وارثن کي اغوا شڪ

ڏھرڪي ( ن ع آ ) ڏھرڪي ۾ ميان عبدالسميع محله  واسي ٽيھه سالن جو نوجوان محمد سليم ولد محمد عظيم رند گذيل ويھه ڏينهن کان  پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، وارثن  ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته سليم ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو 27 رمضان شريف تي گھر عيد ڪرڻ آيو هو 30 رمضان شريف تي سندس موبائيل فون تي ھڪ ڪال آئي ۽ شھر وڃڻ جو ٻڌائي ھليو ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين واپس ناهي موٽي آيو، پوليس پاران ابتدائي رپورٽ داخل ڪري ٺلھا آسرا ڏنا پيا وڃن، اسين غريب مسڪين آهيون، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.