فريد آباد ۾ڳوٺاڻن جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

فريدآباد ( ن ع آ) فريدآباد  لڳ ڳوٺ گل محمد جت ڇنڊڻ موري جي ڪپ جي رھواسين مسمات پٺاڻي گائينچو، جنت خاتون ، ريشمان ، مسڪان، دعا ، علي حسن گائينچو ، محبوب گائينچو احتجاجي مظاهرو ڪندي  چيو ته بااثر  شخص محرم سولنگي ، جبار سولنگي پاران ھٿياربند موڪلي  اسان جي گھرن مٿان رات جو فائرنگ ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي ويا آهن، اسان کي گھر خالي ڪرڻ لاء دٻاء وڌو ويو آهي ـ ھنن چيو ته مخالف ڌر  بااثر شخص محرم سولنگي اسان جي برادري جي رحيم گائينچو کي 40 ھزارن ۾ وڪروويو آهي ان کان 22 ھزار روپيا وٺي ويو آهي ان جا شاھد ـ گواھ پڻ موجود آهن ـ بااثر محرم سولنگي اسان کي لڏائڻ چاھي ٿو ـ اسان جي گھرن تي ھٿياربند ماڻهو موڪلي حراسان ڪري رھيو آهي اسان جي ڪنهن به گھر ڀاتي کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو زميوار محرم سولنگي ۽ سندس جو فرزند جبار سولنگي ھوندو ـ اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون ـ اسان ھن جي پلاٽ تي قبضو ناھي ڪيو ـ اسان جي مٿان ڪوڙي اين سي ڪرائي پوليس موڪلي وئي آهي ـ ھنن آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي حيدرآباد ـ ايس ايس پي دادو عرفان سمون کان گھر ڪئي ته بااثر  شخص محرم سولنگي خلاف ايڪشن ورتو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.