زنجيرن ۾جڪڙيل صحافت آزاد ڪرائڻ ۽ قلم ڌڻين تي حملا بند ڪرائڻ جي گهر

حيدرآباد(رپورٽر) ايڇ يو جي پاران پي ايف يو جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ “صحافت جي آزادي ۽ اڄ جي صورتحال” جي عنوان هيٺ ورلڊ پريس فريڊم ڊي ملهايو ويو، سماج جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جو خطاب، پاڪستان ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيل صحافت کي آزاد ڪرائڻ، ميڊيا هائوسز، صحافين ۽ ورڪرن مٿان حملا بند ڪرڻ، صحافين جي حقن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران صحافت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان“صحافت جي آزادي ۽ اڄ جي صورتحال” جي عنوان هيٺ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي  پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ جاکوڙيندڙ سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته صحافت ايمانداري، سچائي، همٿ ۽ بهادري جو نالو آهي، اسان کي مايوس ٿيڻ بدران اهڙا صحافتي ڪردار پيدا ڪرڻ گهرجن، جن ماضي ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي، آمريت جي دور ۾ ڪوڙا کاڌا. هن چيو ته اسان کي غني درس، ارشاد گلاباڻي جهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي. انساني حقن جي اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ ايم پرڪاش ايڊووڪيٽ چيو ته صحافين ذريعي عام  ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچي ٿو، حيدرآباد پريس ڪلب هائيڊ پارڪ آهي، جتي ماڻهو پنهنجا مسئلا کڻي پهچن ٿا. هن چيو ته اسان کي آئين، قانون جي  بالادستي گهرجي، ۽ اسان کي اهڙن کرن صحافين جي ضرورت آهي، جيڪي سچ ڳالهائين ۽ سچ جي واٽ تي هلن. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ الطاف سچڻ اعواڻ چيو ته سماج ۾ دقيانوسي واري سوچ وڌي آهي، صحافت مقصد پيشو آهي، پر سرمائيدار ٽي وي چينلن کي استعمال ڪندي پنهنجا  مقصد حاصل ڪري رهيا آهن.  هن چيو ته ملڪ جا وڪيل به آزاد صحافت توڙي جمهوريت جي بحالي لاءِ سول سوسائٽي ۽ صحافين سان گڏ آهن، مشرف د ور ۾ وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي گڏيل جدوجهد جو ئي نتيجو هو جو آمر مشرف کي واپس ڀڄايو. حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح  چيو ته پي ايف يو جي جو ٻيو  نالو بغاوت آهي, ايوب ۽ ضياءَ جي آمريت ۾ به پي ايف يو جي اڳواڻن جدوجهد ڪئي، هو جيلن ۾ ويا ۽ ڪوڙا کاڌا. هن چيو ته جنهن سماج ۾ لکڻي بند ٿي ويندي، ان سماج جي سياسي سماجي اوسر بند ٿي ويندي. هن چيو ته لبرل ۽ ترقي پسند سوچ سماج کي اڳتي وٺي ويندي آهي، صحافت جي آزادي جو سوال عورت، سماج، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي سان جڙيل آهي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر جئه پرڪاش موراڻي چيو ته جڏهن ڪو صحافي حڪومت جي پاليسين خلاف لکي ٿو يا تنقيد ڪري ٿو ته کيس گم ڪيو وڃي ٿو.  اسان کي اهو محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسان جيستائين هڪٻئي جو سهارو نه ٿينداسين، ماريا وينداسين يا کنڀيا ويندا سين.  هن چيو تهه  آزاد صحافت ۾ تنقيد به ڪري سگهجي ٿي، هي سچ جو سفر آ، ضرور منزل ماڻينداسين. وومين ايڪشن فورم جي جاڳواڻ حسين مسرت چيو ته آزادي محسوس ڪرڻ جي ڳالهه آهي،  باوجود جبر جي سچ کي ماڻهن تائين پهچائيندڙ صحافي آهي، صحافي، شاعر، اديب سماجي جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته صحافتي ذميواري ذاتي اختلافن کي پري رکي سچ کي ڳولهڻو پوي ٿو.  اسان کي مزاحمت جو دائرو وڌائڻو پوندو.  هن چيو ته هر دور ۾ سچ آزاد ناهي هوندو، زهني غلامي جون زنجيرون ٽوڙي سچ لکڻو پوندو آهي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي چيو ته ملڪ ۾ اڄ به صحافت زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، اظهار راءِ جي آزادي واري راهه ۾ هر طرف رڪاوٽون موجود آهن، ميڊيا هائوسز ۽ صحافين مٿان حملا جاري آهن، هن چيو ته غير جمهوري قوتون اڄ به صحافين خلاف رڻ ٻاريو ويٺيون آهن، جيستائين ملڪ ۾ صحافت آزاد نه ٿيندي، تيستائين هي ملڪ درست دڳ تي نه اچي سگهندو، صحافت جي آزادي سان ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي. پي ايف يو جي جي سڏ تي سڄي ملڪ سميت سڄي سنڌ ۾ ورلڊ پريس فريڊم ڊي ملهايو ويو آهي. ايڇ يو جي جي سينيئر اڳواڻ تنوير احمد آرائين چيو ته پي ايف يو جي ۽ ايڇ يو جي شروع کان وٺي صحافت جي آزادي لاءِ جنگ جاري رکيو اچن، اها جنگ ان وقت تائين جاري رهندي، جيستائين اسان پنهنجي منزل نه ماڻينداسين، هن چيو ته اسان سماج جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي صحافت جي آزادي واري جدوجهد کي اڃا به وڌيڪ تيز ڪنداسين. سينيئر صحافي وفا رضا چيو ته اسان کي جڏهن کان شعور آيو آهي, اڄ ڏينهن تائين صورتحال ساڳي آهي، اڄ به صحافت تي وار ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته صحافين جي تحفظ لاءِ صحافتي ادارن کي کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. سماجي اڳواڻ عبدالرزاق عمراڻي چيو ته حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ تي چچريل لاش ملن ٿا، پر اسان کي مايوس يا خاموش ٿيڻ بدران پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته  صحافت جي عالمي ڏينهن تي اهو واعدو ڪرڻو پوندو ته اسان مظلومن سان گڏ ۽ ڏاڍ خلاف اڳئين صف ۾ هونداسين.  سماجي اڳواڻ ڪاشف صديقي چيو ته صحافي سول سوسائٽي جو اهم پلر آهي، پر هو ڪيترو آزاد آهي اهو بحث آهي. هن چيو ته آزاد صحافت جي ڏينهن تي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته قلم روح آزادي آهي ۽ ان جي آزادي لاء جاکڻو پوندو. سينيئر صحافي ايوب لغاري صحافت کي آزاد سڏيندڙ هڪ ڪوڙ آهي، صحافين جو پنهنجن ئي ادارن ۾ استحصال ٿئي ٿو. ان لاءِ صحافين کي پاڻ ۾ متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ احمد نواز انقلابي صحافين ۽ سياسي ڪارڪنن سدائين حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي آهي هو سدائين جمهوريت جي بحالي ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ پهرين مورچي تي موجود هوندا آهن. هن چيو ته هي دور آمريت کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، صحافي آزاد هوندا ته ادارا آزاد رهندا. جڏهن ته ملڪ ۾ ضيائي مارشلا جو مقابلو ڪندڙ ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيلن ۽ ڦٽڪن جون سزائون ڀوڳيندڙ صحافي هيروز پي ايف يو جي جي جنرل سيڪريٽري ناصر زيدي، زاهد سمون، غني درس، اقبال جعفري ۽ خاور نعيم هاشمي جي تصويرن ۽ مختلف اخبارن جي سرخين وارين خبرن جون پورٽريٽ لڳايو ويو، جتي وڪيلن، صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن تاثراتي نوٽ لکي صحافتي جدوجهد جي هيروز کي سلام پيش ڪيو. پروگرام ۾ ايڇ يو جي خزانچي ڄام فريد لاکو، ايڇ يو جي ضلعي سانگهڙ جي اڳواڻ صحافي امير بخش بڙدي، بدين جي سينيئر صحافين سانوڻ خاصخيلي، سارنگ جوڻيجو، ٽنڊو محمد خان مان ايڇ يو جي جنرل سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڪاتيار، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ لالا حليم شيخ، ايڊووڪيٽ اسد جميل، حيدرآباد جي سينيئر صحافين ارشاد چنا، منصور مري، هارون آرائين، جاويد چراغ، شاهنواز خاصخيلي، مقبول ملاح، حسيب لطيفي، راشد لغاري، اعجاز لغاري، فاضل چنا سميت ٻين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.