ٽنڊو ڄام: ٽنڊي الهيار ۾ڦورو ڄاڻائي ماريل نينگر جي وارثن جو احتجاج

ٽنڊوڄام(رپورٽ:احمد سجاد)  ٽنڊوالھيار جي هڪ مارٽ ۾ ڦورو ڄاڻائي گارڊن جي فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل ٽنڊوڄام جي رھواسي 15 سالن نينگر حيدر شيخ جي وارثن پاران ٽنڊوڄام پريس ڪلب اڳيان حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي لاش رکي ڌرڻو ھڻي روڊ جو ھڪ پاسو بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج دوران مظاهرين پاران انصاف فراھم ڪرڻ لاءِ نعريبازي ڪندا رھيا، ان موقعي تي مارجي ويل نينگر جي والد امتياز شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي 15 سالن جي معصوم پٽ کي بيگناهه قتل ڪري ڦر جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ويو آھي، ۽ اصل حقيقت کي لڪايو پيو وڃي، ھن چيو ته منھنجي پٽ خلاف ڪنھن به ٿاڻي تي ڪنهن به قسم جي ايف آئي آر يا ڪا اين سي به داخل ٿيل ناهي، نينگر کي قتل ڪري، ڪوڙو بھتان مڙھي اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي، ھن چيو ته اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته نينگر حيدر شيخ جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ۽ اصل حقيقتون سامھون آنديون وڃن، بعد ۾ مظاهرين پاڻمرادو احتجاج ختم ڪري مڙهه گهر کڻائي ويا، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.