پڊعيدن لڳ شاخ ۾ پاڻي نه پهتو، عوامي تحريڪ ۽ آبادگارن جو احتجاج

پڊعيدن ( رپورٽ: ذيشان واسواڻو )  چيهو شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ جي ڪري عوامي تحريڪ پڊعيدن جي اڳواڻن عبدالسلام سومرو ،هارون  ڪلهوڙو شاهد حسين ۽ آبادگارن رئيس شفيق ميان راشد سيال علي شر عابد شر ۽ ٻين  جو نصرت ڪئنال کان ريلوي روڊ نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن تائين احتجاجي ريلي گذريل ڇهن مهينن کان چيهو شاخ ۾ پاڻي نه آھي ايس ڊي او بااثرن سان ملي ڪري پاڻي وڪرو ڪري ڇڏيو آھي، پاڻي نه هجڻ جي ڪري فصل نه ڪاهي سگهيا آھيون ايتري قدر جو مال جي پيئڻ جيترو به پاڻي نه آھي اسان وفاق حڪومت ۽ سنڌ حڪومت  ۽ آبپاشي وزير  کان مطالبو ٿا ڪيون ته نوٽيس وٺي چيهو شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.