خيرپور عدالت پاران گهر تي چڙهائي جو نوٽيس، ايس ايڇ او ۽ ٻيا طلب

خيرپور( ڊ ر ) خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت خيرپور ڀرسان ڳوٺ خضر خان مڱڻيجو جي رهواسي پيرسن ليمون خان ولد غلام الله مڱڻيجو جي گهر تي چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن ۽ سندن مخالفن طرفان گهر ۾ گهري عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ۽ ڦرلٽ ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي الزام هيٺ آيل اي ايس آءِ محراب شر، هيڊ ڪانسٽيبل احسان علي مڱڻيجو، سپاهي اوشاق علي ڀٽو ۽ ڳوٺ نور محمد پنجابي جي رهواسي مڱڻيجه برادري جي بااثرن انصار علي ولد منظور حسين عرف اڱڻ، منظور حسين ولد غلام شبير ۽ غوث بخش ولد غلام شبير مڱڻيجو خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ۾ پيرسن ليمون خان مڱڻيجو پنهنجي وڪيل جي معرفت واقعي ۾ ملوث اهلڪارن ۽ بااثرن خلاف درخواست داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو آهي ته انهن سرڪاري هٿيارن جو استعمال ڪندي گهر ۾ گهري عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد بعد گهر ۾ رکيل هزارين روپيه روڪ ۽ سونا زيور ڦري فرار ٿي ويا آهن. هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث ڄاڻائيلن خلاف ايف آءِ آر داخلا جو حڪم جاري ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.