مسجد نبوي جو تقدس نه رکندڙ مان نياڻين جي احترام جي ڪهڙي اميد: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران ملتان جلسي ۾ مريم نواز جي حوالي سان ڪيل گفتگو تي وزيراعظم شهباز شريف جو رد عمل سامهون آيو آهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ مريم نواز جي چاچي شهباز شريف چيو ته ڌيءُ مريم نواز خلاف  غلط بياني تي سموري قوم خاص ڪري عورتون سخت مذمت ڪن.

وزيراعظم شهباز شريف عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته گھٽ ظرفي جي اظهار سان ملڪ ۽ قوم خلاف توهان جا ڏوهه لڪي نٿا سگھن، مسجد نبوي جو تقدس نه رکندڙن کان مائرن، ڀيڻن ۽ نياڻي جي احترام جي ڪهڙي اميد رکي سگھجي ٿي؟

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان تاريخ جو پهريون شخص آهي جيڪو هڪ پارٽي جي سربراهه طور تي بدتهذيبي جي ان کڏ ۾ وڃي ڪريو آهي، قوم ٺاهڻ نڪتو هو ۽ قوم جي اخلاق کي ئي بگاڙي ڇڏيو، انا الله و انا اليه راجعون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.