چونڊن لاءِ تيار آهيون، اڳواٽ تياري پوري ڪيل آهي: نواز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف جو چوڻ هو ته عمران خان پاڪستان جي جيڪا بربادي ڪئي آهي، ملڪي تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال نٿو ملي ۽ شايد اڳتي به نه ملي.

هن چيو ته عمران خان ملڪي معيشت، معاشري، اخلاقيات کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ بدتميزي جي ڪلچر جو بنياد وجهي ڇڏيو.

اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته عمران خان کي اها خبر ناهي ته ماءُ ڀيڻ جي عزت ڪنهن کي چئبو آهي، هن کي اسان جي ۽ اسلامي معاشري ۾ عورتن جي عزت ۽ مقام جي خبر ناهي، مديني جي رياست جو نالو وٺي هو اهي حرڪتون ڪري ٿو جيڪي دنيا جي ڪنهن خراب مان خراب معاشري ۾ ڏسڻ لاءِ نٿيون ملن.

هن چيو ته منهنجون اکيون پاڪستان کي اهڙي ريت تباهي جو شڪار ٿيندي نٿيون ڏسي سگھن، مان سمجهان ٿو ته گذريل 70 سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ڏوهي ڪو آيو آهي ته ان جو نالو عمران خان آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي ويزاعظم جو چوڻ هو ته اسان ته ڪڏهن کان چونڊن جي تياري  ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.