اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي.
آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ملاقات دوران تازي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان حوالي سان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سمورا فيصلا حڪومت جي مشاورت سان ڪري رهيا آهيون، مستقبل ۾ به سمورا فيصلا مشاورت سان ڪنداسين.
ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان پهريون سياست پوءِ، سمورا قدم پاڪستان جي بهتري لاءِ کنيا ويندا، قومي حڪومت ئي ملڪ کي اڳوڻي حڪومت جي ڌٻڻ مان ئي ڪڍي سگھي ٿي.