يوٽيوب وڊيوز تي وقت بچائڻ لاءِ اهم فيچر متعارف

وڊيو جي مشهور ترين پيلٽ فارم يوٽيوب صارفين جو وقت بچائڻ لاءِ اهم سهولت تعارف ڪرائي ڇڏي.

ناظرين جيڪو به ڏسڻو چاهين ٿا اها هاڻي ان کان گھٽ وقت ۾ ڏسي سگھن ٿا ڇو جو پهرين ان ۾ گھڻو وقت ضايع ٿيندو هو پر هاڻي وڌيڪ وقت نه لڳندو ڇو جو هاڻي هي فيچر توهان کي گھڻو فائدو ڏيندو.

يوٽيوب هاڻي پنهنجي ويب پليئر ۽ موبائل ايپس ۾ وڊيو جي سڀ کان وڌيڪ ٻيهر هلايل حصن کي ظاهر ڪندو.

هي خاصيت پهرين يوٽيوب پريميم سبسڪرائبرز جي لاءِ هڪ تجربي طور تي موجود آهي پر هاڻي صارفين لاءِ متعارف ڪرايا پيا وڃن.

هن فيچر ذريعي توهان گراف جي ذريعي وڊيو جي سڀ کان مشهور حصن کي سڃاڻپ ڪري سگھندو جيڪڏهن گراف وڏو هجي ته هي هن وڊيو جو اهو حصو  جيڪو ڪثرت سان هلايو ويندو آهي، ان لمحن کي تيزي سان ڳولڻ ۽ ڏسڻ لاءِ گرفتار جو استعمال ڪري سگھو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.