ڪنڌڪوٽ ۾ ذوالفقار دائودپوٽو کي آر او مقرر ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌ ڪوٽ ۾ ذوالفقار  دائودپوٽو کي آر او مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف ايس يو پي ڪارڪنن ڊي سي آفيس آڏو ظريت ساگر بجاراڻي، دل مراد ڏاھاڻي، شاھنواز مرھٽو، حاجي الطاف ڀنگوار، اصغر شيخ، نور خان ۽ غلام علي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان دوران هنن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مڪاني چونڊن ۾پ پ  ايم پي ايز پاران ڌانڌلي ڪرائڻ لاءِ پلان ڪري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي اي ڊي سي ون ذوالفقار دائودپوٽو کي آر او مقرر ڪرايو آهي، اسين اليڪشن ڪميشن پاڪستان ۽ اليڪشن  ڪميشن سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري غير قانوني طريقي سان مقرر ڪيل آر او کي ھٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج تيز ڪيو ويندو.

  • نوشهري ميونسپل ڪاميٽي تي فارم جمع ڪرائيندڙن جو لسٽو جاري

نوشهرو فيروز ( رپورٽ: ايم ظفر تڳر ) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر/رٽرننگ آفيسر نوشهرو فيروز نياز احمد پاران ميونسپل ڪاميٽي نوشهرو فيروز تي فارم جمع ڪرائيندڙ سمورن اميدوارن جون لسٽون جاري ڪري ڇڏيون. وارڊ نمبر هڪ تي پ پ جو خليفو شڪيل احمد ميمڻ، گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس(جي ڊي اي) جو سيد افتخار حسنين شاهه، پي ٽي آءِ جي اعجاز حسين سولنگي، جميعت علماءِ اسلام جي مصري خان ۽ هڪ آزاد اميدوار محرم خان چنه سميت 5 ڄڻن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 2 تي پ پ  جي ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ، گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس (جي ڊي اي) جي ٻن اميدوارن جن ۾ سيد امير علي شاهه ۽ منصور علي شامل آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي بشير احمد ميمڻ ۽ آزاد اميدوارن خليفه عمير احمد، رميز احمد، جمشيد احمد ميمڻ سميت 6 ڄڻن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 3 تي پ  پ  جي ٻن اميدوارن محمد معروف پيرزادو ۽ تحسين فاروق پيرزادو، پاڪستان مسلم ليگ ن جي ٻن اميدوارن غلام سرور آرائين ۽ ڪامران سرور آرائين، جميعت علماءِ اسلام جي اڪرم علي پيرزادو، جماعت اسلامي جي عبدالوهاب خانزادا ۽ ٻن آزاد اميدوارن امتياز علي سومرو ۽ راڻو خان سميت 8 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 4 تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي منير احمد سومرو، گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس(جي ڊي اي) جي سيد محمد علي شاهه، پاڪستان تحريڪ انصاف جي عبيد اللّٰه عامر بروهي، جماعت اسلامي جي محمد شاهد قريشي، ۽ آزاد اميدوارن طالب حسين، ذوالفقار علي چنه، ثناءُ اللّٰه شاهه، ۽ امير علي سميت 8 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 5 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي منير احمد، گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس(جي ڊي اي) عورت اميدوار زيتون بيگم مغل، آزاد اميدوارن ۾ امتياز علي سومرو، رميز احمد، ۽ محمد بچل سميت 5 اميدواران فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 6 تي پ پ  جي ٽن اميدوارن جا فارم جمع ڪيا ويا جن ۾ محمد قاسم راڄپر، ڪليم الله ڪلهوڙو ۽ محمد صادق شامل آهن. گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس(جي ڊي اي) جي محمد امين راڄپر، پاڪستان تحريڪ انصاف جي پير اسد الله، آزاد اميدوارن ۾ محمد يونس راڄپر، پٺاڻ خان ڪلهوڙو ۽ نصرالله راڄپر سميت 8 اميدوارن فارم جمع ڪرايا.

  •  عوام جي ساٿ سان سنڌ کي لٽيندڙن کي هارائينداسين : لياقت جتوئي

راڌڻ ( ن ع آ) راڌڻ ۾ بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ جهتيال ھائوس راڌڻ تي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي خان جتوئي جي حامي ڪارڪنن ۽ ورڪرن جي ميٽنگ زير صدارت پي ٽي آء ضلع دادو جي نائب صدر مير مظھر حسين جهتيال جي ٿي انھيءَ موقعي تي اڳواڻن پنھنجي خيالن جو اظهار ڪندي مخالف پ پ اميدوارن کي ٽف ٽائم ڏيڻ ۽ چونڊن ۾ پي ٽي آء اميدوارن جي ڪاميابي لاء اھم فيصلا ڪيا اجلاس ۾ سردار مظھر جھتيال ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلھوڙو محمد جمن جوکئي پير تابن قريشي شھاب الدين جانوري سراج احمد واڍو  اختر حسين خانزاده عبدالغفار گلال نظر سولنگي سيد ظفر علي شاھ صداقت سولنگي ساجد سڪندر جوڻيجو استاد ببل جانوري اڪن جانوري شفاعيت سومرو  محمد عرس سومرو  عادل حسين خانزاده نديم خانزاده محمد عرس سولنگي خالد حسين کوسو حاجي ستار سولنگي نظير بروھي حاجي مختيار سولنگي حاجي علي اصغر جانوري  ۽ ٻين شرڪت ڪئي انھيءَ موقعي تي سڀني گڏجي فيصلو ڪيو تہ انشاءالله ھن دفعي عوام جي ساٿ سان راڌڻ ٽائون کي لٽيندڙن کي ڀاري اڪثريت سان ھارائيندا سين ۽ راڌڻ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو ۽ شھر جي مٺي پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال سميت شھر جا تمام بنيادي مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪيا ويندا ھنن شھرين کي اپيل ڪئي ته اگر ھو شھر جي ترقي بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۽ ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جي لٽ مار جو خاتمو چاھين ٿا لياقت علي خان جتوئي ۽ صداقت علي خان جتوئي جي حمايت يافتا پي ٽي آء اميدوارن کي ڪامياب ڪن ھنن چيو ته اڳ به مخالفن ڌانڌلي ڪري اليڪشن کٽي آهي ۽ ھاڻي پڻ عوام انھن جي چال کي سمجھي چڪو آهي ته هنن پنهنجي ھار سمجهي ڌانڌلي ڪري اليڪشن کٽڻ لاء شھر جي تڪن جي وارڊن ۾ ھيرا ڦيري ڪري چور دروازي کان اليڪشن کٽڻ جا جتن ڪري رھيا آهن پر اڳ به راڌڻ جو عوام انھن کي رجيڪٽ ڪري چڪو آھي ۽ ھاڻي به رجيڪٽ ڪندو ان موقعي شھر جي وارڊن تي پنھنجا اميدوار بيھارڻ جي نالن تي پڻ غور ڪيو ويو ان سلسلي ۾ حتمي فيصلو جتوئي ڀائر ڪندا.

  • شهدادڪوٽ جي 14 وارڊن ۽ 5 يوسيز تي پ پ مخالف اميدوار سامهون اچي ويا

شھدادڪوٽ (ثمر رفيق ڀٽي وٽان) شھدادڪوٽ ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ شھر ۾ مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندڙ مختلف اتحادن توڙي آزاد اميدوارن ورڪ شروع ڪرڻ سان گڏ سگھارو ووٽ رکندڙ مختلف  برادرين جي معززن سان گڏجاڻيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي. ان حوالي سان شھر جي 14 وارڊن ۽ 5 يونين ڪائونسلن تي پيپلز پارٽي خلاف اميدوار مقابلي ڪرڻ لاءِ سامهون اچي ويا آهن. دلچسپ ڳالهه اھا آهي ته ھن ڀيري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جو ايم پي اي نادر مگسي ملڪ کان ٻاھر آهي، جنهن ڪري سندس غيرموجودگي ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ تان به پيپلز پارٽي ۾ اختلاف نظر  اچي رھيا آهن،جنهن ڪري ڪيترن ئي وارڊن ۾ پيپلز پارٽي سان پنھنجا ئي حمايتي ماڻهو مقابلي ۾ بيٺا آهن. ھن ڀيري چونڊن ۾ به اڪثر وارڊن تي سخت مقابلي جا امڪان آهن پر سڀ کان وڌيڪ دلچسپ مقابلا هڪ،ٻه،ڇهه، ست، اٺ، نَوَ ۽ چوڏنهن نمبر وارڊن تي نظر اچي رھيا آهن،. جتي پيپلز پارٽي خلاف مضبوط اميدوار بيٺل آهن. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي پاران به چونڊ مھم ھلندڙ آهي، جن پنهنجي اميدوارن سان گڏجي مختلف برادرين سميت ڪارڪنن سان رابطا شروع ڪري ڏنا آهن.

  • سانگهڙ ف ليگ طرفان عبدالحڪيم راڄڙ ضلعي چيئرمين لاءِ نامزد

سانگهڙ (ڊ ر)سانگهڙ ف ليگ طرفان نوجوان عبدالحڪيم راڄڙ کي ضلعي چيئرمئن لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي اڄ هن جي يونين ڪائونسل ڪلر مان ڪاغذن جي منظوري بعد هن جي ان علائقي مان بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪرڻ يقيني ٿي وئي آهي هن موقعي تي وڏي تعداد ۾ حر جماعت ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جا ڪارڪن به آر او آفيس ٻاهر موجود هئا عبدالحڪيم راڄڙ جي ڪاغذن جي منظوري جي خوشي ۾ مٺائي ورهائي وئي ۽ عبدالحڪيم راڄڙ کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي جنهن تي عبدالحڪيم راڄڙ جو چوڻ هو ته هو عوام جي خواهشن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس سانگهڙ جي عوام جيڪا محبت ڏني آهي ان کي وساري نٿو سگهان هو هر حال ۾ عوام سان گڏ رهندو انهن جي مسئلن کي گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو هن موقعي تي وڏو جلوس راڄڙ هائوس آندو ويو.

  • سکر  ۾ مڪاني چونڊ، ٽنهي ضلعن ۾ 9161 اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

سکر(رپورٽ:اظھر علي دايو) سکر ڊويزن ۾ سنڌ حڪومت پاران 26 جون تي مڪاني چونڊن واري ڪيل اعلان کانپوءِ نامزدگي فارم ڀرائڻ وارو عمل شروع ٿي ويو آهي. ڊويزن جي ٽنهي ضلعن سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ 9161 اميدوارن فارم ڀرايا آهن، سکر ضلعي جي چيئرمين شپ ۽ وائيس چيئرمين لاءِ 443 ضلع ڪائونسلر لاءِ 1800 اميدوارن يونين ڪاميٽي يونين ڪائونسل، ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪميٽي لاءِ فارم جمع ڪرايا آهن. گھوٽڪي ضلعي ۾ ضلع ڪائونسل لاءِ 413 ۽ يونين ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شپ لاءِ 335، ڪائونسلر جي لاءِ 1508، خيرپور ضلعي جي يونين ڪاميٽين ۽ ٽائون ڪميٽي ۽ يونين ڪائونسلن تي 3252 ڪائونسلر شپ لاءِ 647 ضلع ڪائونسل لاءِ 445 اميدوارن چيئرمين وائيس چيئرمين لاءِ فارم ڀرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته فارمن جي بحالي ۽ رد ڪاغذن جي جاچ پڙتال اسڪروٽنگ وارو عمل ٻن ڏينهن کان هلندڙ آهي. جن به اميدوارن جا فارم بحال ٿيا آهن، انهن اميدوارن پنهنجي اليڪشن مهم واريون گڏجاڻيون شروع ڪري ڏنيون آهن. هوڏانهن سکر، گھوٽڪي ۽ خيرپور ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي، فنڪشنل ليگ، پاڪستان تحريڪ انصاف، جميعت علماءِ اسلام، مسلم ليگ ق، مسلم ليگ ن، جماعت اسلامي ۽ اليڪشن ۾ بيٺل آزاد اميدوارن پنهنجي اليڪشن مهم واري ورڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. اميدوارن طرفان عذر خواهين اليڪشن گڏجاڻين ۽ هڪ بئي تي الزام تراشي واري سياست عروج تي پهچائي ڇڏي آهي. سکر ضلعي ۾ پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ سخت مقابلي جا امڪان ڏيکاريا پيا وڃن.ٻي طرف سکر ضلعي ۾ ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلع ڪائونسل، ٻه ميونسپل ڪاميٽين ۽ 6 ٽائون ڪاميٽين تي بلدياتي اليڪشن ٿيندي، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت 3 ٽائون ڪاميٽن جو اضافو ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ ٽائون ڪاميٽي مڪي شاهه، جيئي شاهه ۽ نثار احمد صديقي جو اضافو ڪيو ويو آھي. اھڙي طرح پنوعاقل ٽائون ڪاميٽي کي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو درجو ڏنو ويو آھي. مجموعي طور تي ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلع ڪائونسل، ٻه ميونسپل ڪاميٽيون روھڙي ۽ پنوعاقل، 6 ٽائون ڪاميٽيون مڪي شاهه، جيئي شاهه، نثار احمد صديقي، باگڙجي، ڪنڌرا، صالح پٽ شامل آھن. سکر ميونسپل ڪارپوريشن 32 يونين ڪاميٽين تي مشتمل آھي، جڏھن ته ضلع ڪائونسل 42 يونين ڪائونسلز تي مشتمل ھوندي. پھريان سکر ضلع ڪائونسل ۾ 37 يونين ڪائونسلز ھيون جن کي وڌائي 42 ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي 26 يونين ڪاميٽين کي وڌائي 32 ڪيو ويو آھي. جڏهن ته خيرپور ضلع ڪائونسل 88 يونين ڪائونسل ميمبرن تي مشتمل آهي. جڏهن ته گھوٽڪي ضلع ڪائونسل 66 يونين ڪائونسل ميمبرن تي مشتمل آهي

  • مڪاني چونڊن ۾ نوجوان توڙي سجاڳ ڀينرون اڳتي اچن: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جيئن سنڌ جا سوين نوجوان، آبادگار، وڪيل، ڊاڪٽر، استاد، پي ايڇ ڊي اسڪالر، بزنيس مين، شاگرد ۽ انجنيئر پاڻ مرادو اڳتي اچي، اميدوار بڻجي رھيا آھن، ان سڄي سنڌ جي ساڃاھ کي حيران ڪري ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته نوجوانن سان گڏ  بھادر ۽ سجاڳ ڀينرون بہ ناانصافين ۽ ظلمن سان مقابلي لاءِ ميدان ۾ لھي، سڄي سنڌ کي اھو پيغام پيون ڏين ته جڏھين جيجل ماءُ، قومي غيرت ۽ عظيم ڌرتيءَ جا وسيلا خطري ۾ ھجن، گورننس، علم، صحت، روزگار، پاڻي ۽ جياپو تباھ ٿيندا ھجن، ته گھر ويٺي صلاحون ڏيڻ بدران، اجرڪن، پٽڪن، چوٽين ۽ پوتين سان سندرا ٻڌي، مقابلي جو ميدان سينگارڻ، ھزارين سالن کان سنڌين جي قومي روايت رھي آھي، ياد رکو! سنڌ ڪڏھن به مقابلي کان سواءِ ھار ناھي مڃي.

  • پ پ حڪمرانن  عوام کي  مهانگائي جا تحفا ڏنا: عدنان الطاف انڙ

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا ۾ جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف انڙ پاران ميراڻي محلا ۾ پهچي ڪجهه وقت اڳ فوت ٿي ويل  ميراڻي برادري جي چڱي مڙس خدا بخش ميراڻي جي وارثن پٽن محمد بخش ميراڻي ، حاجي خان ميراڻي، غلام نبي ميراڻي، لياقت ميراڻي ۽ ٻين سان فاتح خواني بعد تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو ان موقعي تي ساڻس گڏ ق ليگ اڳواڻ بابو سرور سيال، مير شڪيل مينگل، خير محمد آريجو، خان محمد بروهي، گهنور خان جتوئي ، ديدار ڏهر فدا حسين، اخلاق انڙ ۽ ٻيا پڻ هئا ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف انڙ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي اصل طاقت عوام آهي ۽ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ توهان ڪارڪن ۽ عوام جي طاقت سان جي ڊي اي جا اڳواڻ ڪاميابي ماڻيندا هن وڌيڪ چيو ته پ پ حڪمرانن هميشه عوام کي بدامني ۽ مهانگائي جا تحفا ڏنا آهن انڙ خاندان هميشه ڏک سک ۾ عوام سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو اسان جا دروازا عوام لاءِ بنا فرق جي هميشه کليل آهن.

  • مڪاني چونڊن ۾ مخالفن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين

اسلام ڪوٽ(ت،ر)عمران خان عوام ۾ وڌيڪ مقبول ٿيو آهي،ٻيهر وزيراعظم ٿيندو،بلدياتي اليڪشن ۾ مخالفن کي منهن ٽوڙ  جواب ڏينداسين،اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ارباب غلام رحيم اسلام ڪوٽ ۾ هنڱورجا هائوس تي معززين سان ڳالهائيندي ڪيو،هن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ اڪثريت رکندڙ برادرين کي اڳتي آندو ويندو ۽ تعلقي جي عوام کي بلدياتي اليڪشن جي تياري جي ڀرپور هدايت ڪئي آهي،هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان هاڻي عوام ۾ مقبول ٿي چڪو آهي،انشاءاللّٰه جلد چورن لٽيرن مان جان ڇٽندي ۽ ٻيهر چونڊن ۾ عمران خان ڪامياب ٿيندو،ارباب رحيم چيو ته موجوده حڪومت،مهانگائي کان ڇوٽڪاري ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جا وچن ڪيا پر اُهي صرف سکڻا واعدا ئي رهيا ۽ مهانگائي گهٽڻ بجاءِ وڌي رهي آهي،هن جو وڌيڪ چون هو ته جلد ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرائي،عوام جي مرضي تحت حڪومت جوڙي وڃي،هنڱورجا برداري جي پاڳاري ڊاڪٽر ثناءۡاللّٰه هنڱورجو جي رهائش گاھ هنڱورجا هائوس اسلامڪوٽ آمد دوران اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم ۽ سندس فرزند ارباب ابراهيم تعلقي جي مختلف معززين سان ملاقات ڪئي،معززين ۾ سيد سائيڏنو شاھ بخاري،فقير جعفر وڪيو،سيد جي ايم شاھ،مهر علي واگهيلو،نادر شاھ،دورو درس،فيض محمد راهمون،ممتاز بجير،خالد رضا،سميت آزاد اسداللّٰه هنڱورجو ۽ ٻيا مختلف ماڻهو موجود هئا،تعلقي اسلامڪوٽ جي معزز ماڻهن اڳوڻي وڏي وزير سان وچن ڪيو ته بلدياتي اليڪشن ڀرپور نموني وڙهي مخالفن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين،مختلف يوسيز جي ماڻهن جا پاڻ ۾ پيدا ٿيل اختلاف دور ڪيا ويا،ڊاڪٽر ثناءُ اللّٰه پاران اڳوڻي وڏي وزير ۽ سندس فرزند کي ٿر جي لوئي جا تحفا پيش ڪيا ويا.

  • هر يوسي ۾ پ پ سان مقابلي لاءِ اميدوار بيهارينداسين: پي ٽي آءِ اڳواڻ

ٽنڊوالهيار (ڊ ر)تحريڪ انصاف ضلعي ٽنڊوالهيار جي صدر ايڍوڪيٽ اسلم لغاري چيو آهي ته  پي ٽي آئي مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي  سان  سخت مقابلو ڪندي سمورين يوسين وارڊن ۽ ٽائون ڪميٽين  تي پنهنجا اميدوار بيهاريندي.  ٽنڊوالهيار پريس ڪلب ۾ پارٽي اڳواڻن ڪاشف قائم خاني. جاويد ڪالرو ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي  ٽنڊوالهيار ۾ گذريل 14  سالن کان  ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هاڻي وڏيرن پيرن جي رستا روڪ ڪبي  عوام جو پئسو عوام مٿان خرچ ٿيندو.  هن چيو ته هر اداري ۾ چونڊيل نمائيندن  ڪرپشن ڪرڻ لاء پنهنجا من پسند  ڪامورا مقرر ڪري ڇڏيا  آهن جيڪي بجيٽ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن. صحت ۽ تعليم کي تباھ ڪيو ويو آھي. هن چيو ته اسان جو ضلعو زرعي علائقو آهي پر پاڻي نه هجڻ سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آهن چمبڙ ۾ آبادگار گذريل ڪيترن ميهنن کان پاڻي لاء ماتم ڪري رهيا آهن پر  پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائيندن هڪ ڏينهن به اسيمبلي ۾ پنهنجي آبادگارن لاء آواز نه اٿاريو.  هن الزام هنيو  ته پيپلز پارٽي جا ليڊر هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري زمينون خريد ڪرڻ چاهن ٿا هن چيو ته  اسان ٽنڊوالهيار جي ماڻھن کي اڪيلو  نه ڇڏينداسين اسان پنهنجي عوام جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻون ٿا.

  • ڏهرڪي ۾مڪاني چونڊ، وارڊ 3 ۽ 5 تي آزاد اميدوار جو پلڙو ڀاري

ڏھرڪي  ( ن ع آ ) ڏھرڪي ۾ بلدياتي اليڪشن وارو باب شروع ٿيڻ شرط ھر ڪو پنھنجن تجربن ۽ ذريعن مطابق ڄاڻ ونڊ ڪرڻ لڳا ، وارڊ نمبر 3 ۽ 5 ٿي  آزاد اميدوار  (ميان شفيق گروپ) ڊاڪٽر خانچند تلريجا ۽ ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ويرواني جو پلڙو ڀاري   هندو برادري جي  مختلف  پاڙن  گوئنداڻي لنڊ ، ڪيسواڻي، ڏهر ، تلريجا، ويرواني، جاڌواڻي ڪڪريجا، ڇتاڻي سميت ٻين ڪيترن ئي محلن ۾ رھندڙ ھندو توڙي مسلم ڀائرن  مڪمل حمايت ڪئي وئي، ان موقعي تي   ھندو ينگ منارٽي ڏھرڪي پاران ڊاڪٽر خانچند ۽ ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ويرواني ، جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو وڌيڪ  ھندو ينگ منارٽي جي اڳواڻن ڌنيش ڪمار جاڌواڻي لنڊ ، اوم پرڪاش ، فتع چند ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ويرواني ، ڊاڪٽر خانچند تلريجا سدائين ھندو برادري سان سدائين ڏک سک ۾ ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھندا آھن سماجي توڙي فلاحي ڪمن ۾ بنا ڪنھن ڀيد ڀاو جي اڳڀرو ھوندا آھن ۽ انھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته جيت ھميشه سچ جي ٿيندي آھي انھي سچ جي ٻيڙي ۾ سوار ستگرن جي رحمت سان ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ويرواني ۽ ڊاڪٽر خانچند تلريجا  ڪامياب  ٿيندا   ته هندو برداري جون تڪليفون  ختم ڪيون وينديون ۽ انهن جا مسئلا حل ڪياويندا  اسين ھندو برادري کي وينتي ٿا ڪيون  هندن جي ڏک سک ۾ گڏ رهندڙ بيباڪ ساٿي  ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ۽ ڊاڪٽر خانچند کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا .

  • ٿرپارڪر ۾ مڪاني چوندن جون تياريون زور شور سان جاري

مٺي(رپورٽ: جي آر جوڻيجو) ٿرپارڪر ۾ بلدياتي اليڪشن جون تياريون زور شور سان جاري ،مختلف پارٽين نالا فائنل ڪري ڇڏيا،ضلع  ڪائونسل چيئرمين ۽ وائس چيئرمين لاءِ به ڊڪ ڊوڙ شروع،ٿرپارڪر ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ ڀيل برادري اهميت اختيار ڪري وئي،پي ٽي آءِ پاران اهم عهدا ڏيڻ جي آڇ،ڀيل برادري جي اڪثريت اميدوار نامزد،پ پ اڃان فيصلو نه ڪري سگهي خبر موجب ضلعي ٿرپارڪر ۾ بلدياتي اليڪشن جون تياريون جاري آھن مختلف پارٽين پاران يونين ڪائونسلن تي نالا فائنل ڪيا پيا وڃن ذريعن موجب ضلعي ڪائونسل جي چيئرمن شپ ۽ وائس چيئرمين جي عهدو ماڻڻ جي لاءِ به ڊڪ ڊوڙ شروع ٿي وئي آھي خاص طور ٿرپارڪر ۾ اڪثريت رکندڙ برادرين اڪثريت جي مدنظر پنهنجا اميدوار آڻڻ جي اميد لڳائي ڇڏي آھي جڏھن ته ضلعي ٿرپارڪر اڪثريت رکندڙ ڀيل برادري هن ڀيري اليڪشن ۾ اهم اهميت اختيار ڪري وئي آھي پي ٽي آءِ پاران لجپت ڀيل کي صوبائي عهدي سان نوازڻ سان گڏ بلديات توڙي ايندڙ عام چونڊن ۾ اهم عهدا سونپڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ضلعي ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ ضلع وائس چيئرمين جي سيٽ ڀيل برادري حوالي ڪرڻ سان گڏ مختلف يوسين ۾ سندن اڪثريت جي مدنظر انهن کي اختيار ڏنا ويا آھن ٻئي پيپلزپارٽي ڀيل برادري جي لاءِ ڪو خاطر خواه فيصلو نه ڪري سگهي آھي توڙي جو ڀيل برادري جي وڏي اڪثريت پ پ سان گڏ آھي پر انهن لاء ڪي اهم فيصلا نه ٿي سگهيا آھن جنهن جو سڌو فائدو پي ٽي آءِ کي رسڻ جو امڪان آھي پ پ سان لاڳاپيل ڀيل برادري جي سرگرم اڳواڻن وڪيل مهيش ڀيل لالا لجپت عورت اڳواڻ ڪملا ڀيل پ پ سان لاڳاپيل ۽ هر وقت پارٽي سطح تي سرگرم آھن ذريعن موجب پيپلزپارٽي جيڪڏھن هن دفعي ڀيل برادري کي ڪٿي ايڊجسٽ ڪيو ته انهي جون سنئون سڌو فائدو جنرل اليڪشن ۾ به ٿيندو ٿر جي ڏيپلو ننگرپارڪر اسلامڪوٽ مٺي ڇاڇرو واري تڪن ڀيل برادري جو ووٽ انتهائي اهميت وارو آھي.

  • مٺي ميونسپل ڪاميٽي جي 15 وارڊن لاءِ 235 فارم جمع

مٺي(رپورٽ: جي آر جوڻيجو) بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ ميونسپل ڪاميٽي مٺي جي پندرهن وارڊن تي 235 فارم جمع ٿي ويا آھن ميونسپل ڪاميٽي مٺي ۾ جي مختلف وارڊن تي فارم جمع ڪرائيندڙن ۾ اڳوڻو ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي پڻ شامل آھي ڊاڪٽر منوج ملاڻي ميونسپل ڪاميٽي مٺي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي حوالي سان بهتر ڪارڪردگي طور پنهنجي وقت گذاريو هن ڀيري به مٺي جي ملاڻي خاندان پاران ڊاڪٽر منوج ملاڻي کي نامزد ڪيو ويو آھي جنهن کانپوءِ مٺي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوزيشن مظبوط ٿي وئي آھي گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ واحد ميونسپل ڪاميٽي هئي جنهن جي سمورن وارڊن تان اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا هئا جڏھن ته غير متضاد چيئرمين هئڻ ڪري منوج ملاڻي کي هڪ دفعو ٻيهر چيئرمين جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آھي ٻئي طرف پ پ ٿرپارڪر جي انفارمينشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي پڻ مختلف وارڊن تي ٽي فارم جمع ڪرايا آھن ۽ سندس پٽ پڻ فارم جمع ڪرايا آھن  جڏھن ته اڳوڻي تعلقي ناظم حاجي الهڏنو بجير جي پٽ نياز بجير،وڪيل عاشق بجير،وڪيل همليش ڪمار،ڪنور امر،ونيش ڀڳت، سمترا منجياڻي، ويروڪرم، ميرمحمد بليدي،وڪيل جاويد اختر،ايس ٽي پي جي گهنشام مالهي اوم پرڪاش سميت جماعت اسلامي،ڪيو اي ٽي،پي ٽي آءِ،ن ليگ جي اميدوارن پڻ پنهنجا فارم جمع ڪرايا آھن پر اڃان تائين ڪا پوزيشن واضح نه ٿي سگهي آھي ۽ ھن وقت تائين ميونسپل ڪاميٽي مٺي تي پيپلزپارٽي جي واضح پوزيشن نظر اچي رهي آھي.

  • سنڌ حڪومت جا لڳايل آراو قبول ناهن : زين شاهه

سڪرنڊ (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه ضلعي شهيد بينظير آباد جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان  ڳوٺ مجيد ڪيريو سڪرنڊ ۾ ملاقاتون ڪيون بلدياتي الڪيشن جي حوالي سان صلاح و مشورا ڪيا ان موقعي  تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاھ چيو ته بلدياتي اليڪشن مقرر اي آروز ۽ آروز حڪومت ڌر جا ماڻهون آهن جيڪي هميشه پيپلز پارٽي جي جلسن ۾ ڏٺا ويا آهن . انهن کي هٽائي سول جج آروز مقرر ڪيا وڃن ڇو ته هو اسان جي اميدوارن جا فارم رد ڪري رهيا آهن جيئن حڪومت ڌر جي اميدوارن کي فائدو ٿئي سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو مايوسي ملڪ لاءِ تباھ ڪن ثابت ٿي سگهي ٿي شعور مٿان لالچ حاوي ٿي رهي آهي عام اليڪشن ويجهي نظر اچي رهي آهي عمران خان جي حڪومت هٽائڻ باوجود به هاڻوڪا حڪمران مونجهاري جو شڪار آهن ملڪ جو حالتون ويتر خراب ٿي رهيون آهن عوام ۾ بيزاري محسوس ٿي رهي آهي ڪرپشن ڪندڙن سياستدانن جي خلاف بي رحم ڪاروائي ٿيڻ گهرجي هن چيو ته سنڌ ۾ مختلف ضلعن ۾ مختلف تنظيمن سان بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان ڳالهيون هلندڙ آهن جڏهن ته سڪرنڊ ۽ قاضي احمد ۾ جي ڊي اي ، پي ٽي آءِ ، نواز ليگ ، شهيد ڀٽو سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ايس ٽي  پي ۽ جي يو آءِ سان ڳالهيون هلندڙ آهن . ان موقعي تي فنڪشنل ليگ تعلقي سڪرنڊ جي صدر اڳواڻ نظام الدين سنجراڻي چيو ته گڏيل طور ايس يو پي ۽ فنڪشنل ليگ جا اميدوار تعلقي سڪرنڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جو مقابلو ڪندا ان موقعي تي فلڪ شير اوڏ ، مجيب ماڇي ، زين ڀٽو ، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير سليم جمالي پڻ موجود هئا .

  • يوسي کرڙاھ تي ڪانٽي جو مقابلو، اميدوارن سندرا ٻڌي ڇڏيا

کرڙاھ(رپورٽ: ايم ادريس ڦل) کرڙاھ يونين ڪائونسل تي بلدياتي اليڪيشن جي حوالي سان ماحول ڪافي گرم ٿي ويو آهي، يونين  ڪائونسل ۽ 4 وارڊن تي 33 اميدوارن فارم ڀرائي ورتا، ضلعي ميمبر لاءَ 11 اميدوارن امتياز لاشاري، عامر علي ڦل، عبدالحق لاشاري، ارشاد علي ڦل، زاهد علي ڦل، غلام قادر چنو، منير احمد لاشاري، سهيل احمد چنو، صادق علي ڦل ۽ سجاد علي ڦل فارم ڀرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته چيرمين جي سيٽ لاءَ عبدالجبار ڦل، امتياز لاشاري، عبدالحق ڦل، عامر علي ڦل، غلام قادر چنو، صادق علي ڦل، عبدالحق لاشاري، يونس علي جروار ۽ سجاد علي ڦل فارم ڀرائي ڇڏيا آهن، هوڏامهم يوسي جي چئن وارڊن تي 14 اميدوارن مانجهي خان ڦل، نادي علي ڪٻر، گل حسن ڦل، غلام عباس ڦل، راشد محمود ڦل، رياض علي جروار، سوز علي جروار، نور الحق لاشاري، رضوان علي، عبدالجبار ڦل، سجاد احمد جمالي، مير حسن لاشاري، ثناءُ الله چنه ۽ وحيد علي ڦل فارم ڀرائي ڇڏيا آهن،  ٻئي پاسي آر او وٽ فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جو عمل ٿي گذريو، جنهن ۾ سڀني اميدوارن جا فارم بحال ٿي ويا، جڏهن ته ڪنهن به پارٽي اڃا تائين پنهنجا اميدوار فائنل نه ڪيا آهن، پارٽي اڳواڻن جو ڇوڻ هو ته فارم بحال ٿين ان کان بعد ٽڪيٽ ڏنيون وينديون، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته فارم بحال ٿيڻ کانپوءَ هڪ ٻن ڏينهن اندر ٽڪيٽ ورهائيون وينديون، جڏهن ته يوسي کرڙاھ تي اصل مقابلو پ پ ۽ جي ڊي اي جي وچ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

  • قاضي احمد ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جو آر او  خلاف احتجاج

قاضي احمد(ن ع آ)  قاضي احمد 2022 جي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي اليڪشن ۾ بيھندڙ مختلف پارٽين جي اميدوارن ۽ آزاد فارم  ڀرائيندڙ اميدوارن ايڊووڪيٽ نياز علي جتوئي، ايڊووڪيٽ الطاف رند، سڪندر چانڊيو، اسلم جتوئي، شاھنواز چانڊيو ۽ ٻين اي سي آفيس ۾  آراو خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ھنن ميڊيا سان ڳالھائيندي مبينا الزام ھڻندي چيو ته آراو  حسين چانڊيو پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڌر بڻيل آھي جنھن اسان جا فارم بناڪنھن سبب جي رد ڪيا آھن. اسان کي اھو نه ٿو ٻڌايو وڃي ته ڪھڙي سبب يا ڇا جي ڪري اسان جا فارم رد ڪيا ويا آھن  اسان آراو سان ملياسين ته ان چيو ته توھان جا فارم رد آھن اسان سبب معلوم ڪيو ته چيائين ته بس توھان جا فارم رد ڪيا ويا آھن. ھنن چيو ته  آراو بداخلاقي سان پيش آيو ۽ سندس رويو به اڍنگو ھو. ھنن چيو ته آراو  پنھنجي نوڪري بچائڻ لاء پ پ وارن جو ڌر ۽ ونگارو ٿي بيٺو آھي. ھنن چيو ته اليڪشن ۾ بيھڻ ھر ڪنھن  شھري جو جھموري حق آھي پر ھتي اسان کان اھو حق کسيو پيو وڃي. ھڪ سياسي پارٽي جي چوڻ تي فارم رد ڪيا پيا وڃن. ھنن چيو ته اراو پ پ  مخالف اميدوارن جا ھٿ سان فارم رد ڪري رھيو آھي ته جيئن پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي سگھن.ان لاء حسين چانڊيو کي آراو مقرر ڪيو ويو آھي ته جيئن اھو پنھنجو ڪم ڏيکاري  ۽ پ پ جا سڀئي اميدوار ڪامياب ٿين. ھنن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته آراو ھڪ سياسي پارٽي جو سرعام  ڌر بڻيل آھي ان لاء نوٽيس ورتو وڃي ۽ کيس فل فور ھٽائي اسان جا نامينيشن فارم بحال ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ۽ ڪورٽ سڳوري ۾ وينداسون.

  • ٽنڊي غلام حيدر ۾ مڪاني چونڊن حوالي سان ميڙاڪو

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊي غلام حيدر، يوسي يوسف خان چانگ جي ڳوٺ عبدالڪريم لغاري ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان  ڳوٺ جي معزز اڳواڻن بچل لغاري، امداد لغاري، عبدالڪريم لغاري ۽ ٻين طرفان ڳوٺ ۾ لغاري برادري جو ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ لغاري برادري جي معزز اڳواڻ گل محمد خان سريوال ۽ عبدالعزيز لغاري طرفان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب جي صدارت ڪندي گل محمد خان سريوال چيو آهي ته لغاري برادري جي وڏي اڪثريت آهي سموري تعلقي ۾ 28 هزار ووٽ صرف لغاري برادري جا ڪاسٽ ٿيندا آهن پر اسان جي قوم کي هر دور ۾ نظرانداز رکي ناانصافي ڪئي وئي آهي هن وقت بلدياتي اليڪشن ۾ لغاري برادري جا نوجوان اليڪشن ۾ چونڊيا ويندا،ان موقعي تي لغاري برادري جي سمورن اڳواڻن پاران به رئيس گل محمد خان سريوال تي پورو اعتماد ڪندي سندس جا سمورا فيصلا قبول ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي وئي،ٻئي پاسي رئيس گل محمد خان سريوال پاران بلدياتي اليڪشن حوالي مختلف ڳوٺن جي معززن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.