ملير ۾ ڪومبنگ آپريشن، شڪي گرفتار

ملير (ڊ ر) ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر جي هدايتن تي ضلع ملير ۾ ڏوهارين ۽ ملڪ دشمن عناصرن خلاف ڪاروائيون،  خبر موجب ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر جي هدايتن تي ضلع ملير ۾ ڏوهارين ۽ ملڪ دشمن عناصرن خلاف ڪاروائيون جاري آهن، ان ڏس ۾ مختلف علائقن ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس ايڇ او بن قاسم ۽ ضلع ملير جي ٻين ٿاڻن جي پوليس جي وڏي نفري ۽ ليڊي پوليس حصو ورتو، آپريشن رات ٻه وڳي شروع ڪيو ويو، آپريشن بگٽي ڳوٺ، لال محمد مري ڳوٺ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڪيو ويو، آپريشن دوران علائقي کي ڪڙو چاڙهي روڊ بلاڪ ڪري تلاشي ورتي وئي آپريشن صبح 5 وڳي تائين جاري رهيو ڪجهه شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، گرفتار ڪيل ماڻهن جي بائيو ميٽرڪ ڪئي پئي جن کي پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.