غوث پور ڀرسان تيغاڻي-اوڳاهي تڪرار ٻيهر تيز، ڌنار اغوا، 30 مينهون ڦر

غوث پور (رپورٽ:عبدالغفار اوڳاهي) غوث پور ۾ اوڳاهي-تيغاڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو،  غوثپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي بخش اوڳاهي ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾  تيغاڻي برادريءَ جي  10 کان وڌيڪ ھٿياربند مال چاريندڙ ڌنار محبوب اوڳاهي کي  اغوا ڪرڻ بعد 30 کان وڌيڪ مينھون ڦر ڪري ڪاهي ويا.هوڏانهن اوڳاهي برادري جا ماڻهو پيرو کڻي درياهه وٽ  لڳائي موٽي آيا، جنهن بعد  اوڳاهي ۽ تيغاڻي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.رابطو ڪرڻ تي قربان اوڳاهي ٻڌايو ته تيغاڻي برادري جا ماڻهو هميشه اوڳاهي برادري جي ماڻهن سان ناجائزيون ڪري روزانو مال ڦر ڪن ٿا، جنهن جي شڪايت سردار تيغو خان تيغاڻي سان ڪري چڪا آهيون، تيغاڻي اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.