نوشهروفيروز ( رپورٽ: ايم ظفر تڳر ) ڳوٺ حاجي سائين رکيو چانڊيو ۾ 23 سالا عورت جو لاش هٿ مڙس پاران خودڪشي ۽ پيءُ ماءُ پاران مڙس مٿان پهرين گهرواري سان گڏجي قتل ڪرڻ جو الزام خبر موجب نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ حاجي سائين رکيو چانڊيو ۾ 23 سالن جي سيمان زال سعيد چانڊيو جو لاش سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ آندو ويو آهي. جنهن جي باري ۾ سندس مڙس جو چوڻ آهي. ته سندس گهرواري گهرو اڻبڻت سبب پنهنجي ڳچي ۾ رئو وجهي ڦاهو کائي خود ڪشي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ پيل لاش مٿان احتجاج ڪندي عورت جي پيءُ خادم حسين ماءُ مهتاب ۽ ڏاڏو ممتاز علي چانڊيو صحافين اڳيان داهيندي چيو ته سندن نياڻي 3 سال اڳ سعيد چانڊيو سان شادي ڪئي هئي جنهن مان کيس ڪوبه اولا وغيره نه ٿيو آهي .اسان جي نياڻي سيمان کي سندس مڙس سعيد پنهنجي پهرين زال مائي پٺاڻي ۽ نثارچانڊيو عمران چانڊيون سان ملي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڳچي ۾ رئووجهي ڦاهو کائي خود ڪشي ڪرڻ وارو ڊامو رچايو آهي. هنن چيو ته اسان جو مٿين جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي