ڪورنگي ۾ سرچ ڪومبنگ آپريشن، 4 جوابدار گرفتار

ڪورنگي ( ن ع آ ) ڪورنگي ايس ايس پي فيصل بشير ميمڻ جي هدايت تي ايس پي لانڍي ڊويزن سليم شاهه جي نگراني ۾ گذريل رات مهراڻ ٽائون واري علائقي ۾ سرچ ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو، ٿاڻو ڪورنگي انڊسٽريل ايريا، لانڍي، عوامي ڪالوني ۽ زمان ٽائون پوليس ڪامياب سرچ آپريشن ڪيو،  انڊسٽريل ايريا ٿاڻو جي حد ۾ مهراڻ ٽائون واري علائقي ۾ سرچ ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو،  تازي دهشتگردي کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪيو ويو آھي. ، سرچ ڪومبنگ آپريشن ۾ ايس پي لانڍي ڊويزن سليم شاهه، ايس ڊي پي او لانڍي ۽ ايس ڊي پي او ڪورنگي سميت ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس اسٽيشن، زمان ٽائون، عوامي ڪالوني، لانڍي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن ۽ ليڊي پوليس سرچرز به شامل هئا، سموري ڊيٽا کي ڏوهن جي عنصرن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ چيڪ ڪيو ويو ۽ ڪرمنل ڊيٽا رڪارڊ سافٽ ويئر طرفان بايوميٽرڪ طور تي تصديق ڪئي وئي، علائقي ۾ گهرن، دڪانن، هوٽلن ۽ ٻين شڪي هنڌن جي تلاشي پڻ ورتي وئي آھي، گرفتار ڪجهه جوابدارن کي ذاتي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو ۽ ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ڪرمنل رڪارڊ موجب 4 جوابدارن ۾ اسٽريٽ ڪرمنل گينگ جا 2 جوابدار ۽ گٽڪا ماوا فراهم ڪندڙ جوابدار شامل آهن،ايس ايس پي ڪورنگي پنھنجي بيان ۾ ٻڌايو ته گرفتار ٿيل گينگ جا ٻئي ميمبر عادي ڏوهاري آهن ۽ مختلف ٿاڻن مان مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ٿي اڳ به جيل وڃي چڪا آھن، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ جاچ اختيارن حوالي ڪيو ويو آھي، جڏهن ته سندن خلاف قانوني ڪارروائي ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.