سرحد جو مغوي پوليس آپريشن بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو  ( ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ رانوتي ۾ ٻه ھفتا اڳ اغوا ٿي ويل جھانپور واسي ڪولاچي برادري جو نوجوان عثمان ڪولاچي کي پوليس پاران  بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ،  ٻه ھفتا اڳ سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنھل ڪولاچي مان زمين جي پاڻي جي واري تي بيٺل عثمان ڪولاچي کي ڌاڙيل ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا ھئا جنھن بعد ڪولاچي برادري سراپا احتجاج بڻيل ھئي، جڏھن ته وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه پڻ نوٽس ورتو ھيو وزير اعلي جي نوٽس وٺڻ بعد رائونتي پوليس سميت گھوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو مغوي جي بازيابي لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو ھيو جنھن کي رات رائونتي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.