”سمورا ادارا معاشي فيصلن جي ذميواري کڻن نه ته اسان حڪومت ۾ نه رهنداسين“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فوج سميت سمورا ادارا گڏجي ملڪي معيشت جي فيصلن جي ذميواري کڻن.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن، ڏکيا فيصلا ٿيندا، جنهن جي سياسي قيمت چڪائڻي پوندي.

هن چيو ته پاڪستان جي معيشت بهتر بڻائينداسين يا حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، اها صورتحال اسان پيدا ناهي ڪئي پر اڳوڻي حڪومت جي پيدا ڪيل آهي.

بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ ايندڙ سال تائين رهڻ جي سوال تي شاهد خاقان عباسي چيو ته فوج سميت سمورا ادارا گڏجي ملڪي معيشت جي فيصلن جي ذميواري کڻن ته ڏکيا فيصلا به ٿيندا، اسان بجيٽ به پيش ڪنداسين ۽ آخري ڏينهن تائين مدو به پورو ڪنداسين.

هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته اسان جو ملڪ اڄ ڪرائسز ۾ آهي، ان مان نڪرڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر شامل هجن، صدر، سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر، وڏن وزيرن ۽ ججن کي به گهرايو وڃي، اهي ذميواري کڻن پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ اسان کي هن حڪومت ۾ نه رهڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.