عمران خان هاڻ به اڻٽر آهي ته اسان تيار آهيون، هر جاءِ تي مقابلو ڪنداسين: وفاقي وزير

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن جي پڙاڏي دوران اتحادي حڪومت ڪنهن به قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب ملڪي سياسي صورتحال تي هڪ وفاقي وزير چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان هاڻ به اڻٽر آهي ته اسان هر جاءِ تي ۽ هر وقت مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

هن چيو ته ڇا اسان چُپ ٿي وڃون؟ ڪرايو چونڊون، اسان هڪ هڪ سيٽ تي مقابلو ڪنداسين.

سندس چوڻ هو اسان ته معاملا ٺيڪ ڪرڻ چاهيون ٿا پر اسان هضم نه ٿي رهيا آهيون، ڇو؟

واضح رهي ته وفاق ۾ اتحادي حڪومت اچڻ کانپوءِ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان توڙي پي ٽي آءِ جا ٻيا اڳواڻ جلد چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

اڄ سرگوڌا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي ن ليگ نائب صدر مريم نواز پڻ عام چونڊن ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته عوام لاءِ مهانگائيءَ جو طوفان آڻڻ کان بهتر آهي ته حڪومت ڇڏي ڏجي.

هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف هن وقت حڪومت ڇڏي ڏئي ته ڇا توهان ان کي ڪامياب ڪندئو؟ عوام لاءِ مهانگائي جو طوفان آڻڻ کان بهتر آهي ته حڪومت ڇڏي ڏجي، مان چوان ٿي ته حڪومت ڇڏي ڏيو ۽ ميدان ۾ اچي وڃو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.