ملڪ ۾ ڊگهي مدي لاءِ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت اچڻ جو امڪان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ اتحادي جماعتون گڏيل طور حڪومت ڪري رهيون آهن، جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان توڙي پي ٽي آءِ جا ٻيا اڳواڻ جلد چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

تحريڪ انصاف جي حڪومت وڃڻ ۽ گڏيل حڪومت اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي صورتحال پڻ سنگين نوعيت اختيار ڪري وئي آهي ۽ ڊالر جو اگهه ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 200 تائين پهچي ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف معيشت جي حوالي سان سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ اتحادين سان صلاح مشورا به ڪيا آهن، جڏهن ته ڪجهه حڪومتي شخصيتن جو خيال آهي ته عام چونڊن ڏانهن وڃڻ گهرجي.

هوڏانهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ٻن سالن لاءِ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ايندي، ان جو سبب اهو آهي ته ن ليگ مهانگائي جو بار نٿي کڻڻ چاهي، ڇو ته ان کي نقصان ٿيندو.

هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وفاقي وزير شيد رشيد به دعويٰ ڪئي هئي ته نگران وزيراعظم لاءِ معيشتدانن جا انٽرويو راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ٿي رهيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪا ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ايندي، اها ئي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪندي ۽ معاشي معاملن کي ڏسندي، جڏهن ته ٻن سالن کانپوءِ عام چونڊون ٿينديون.

ڪجهه ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن سياسي حالتون بهتر نه ٿيون ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪري سگهي ٿي.

واضح رهي ته اڳوڻو ناڻي وارو وزير حفيظ شيخ ڪجهه ڏينهن اڳ اوچتو ملڪ آيو آهي ۽ هن عبوري ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي، ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان جي ايندڙ وزيراعظم جو واسطو سنڌ سان هجي، اهو ڪو ٻيو نه حفيظ شيخ ئي هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.