جو کيڙي سو کائي جو عملي ڪردار ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو

عابده گهانگهرو

تاريخ ۾ اهڙا گهڻا مثال ملندا جن ۾حاڪم پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ خاطر ماڻهن کي انعام اڪرام، اعزاز، زمينون، ۽ جاگيرون ڏيندا هئا. اهي ماڻهور وري اهي مراعاتون وٺڻ کانپوءِ حاڪمن جي تعريفن ۾ سچا ڪوڙا قصيدا عوام کي ٻڌائيندا هئا.  برصغير ۾ انگريز حڪمران ان سلسلي ۾ گهڻو اڳتي هئا. هنن ڪيتريون ئي اهڙيون زمينون پنهنجي وفادار ماڻهن کي جاگير ڪري ڏنيون جن تي اهي زمينون کيڙيندڙن ۽ صدين کان وٺي اتان جي رهاڪن جا حق هئا.

زمين خدا جي آهي جو ان کي کيڙي ٿو اهو ئي ان جو مالڪ آهي. اهو نعرو فرانس انقلاب کان هڪ صدي اڳ سنڌ جي هڪ وڏي اڪابر، صوفي شاه عنايت شهيد جهوڪ واري هنيو هو، اهو رڳو هڪ نعرو نه پر هڪ مڪمل نظريو  ۽ هارين جي حقن جو منشورآهي. ان نظريي تحت ئي هاري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿارن ٿا ۽ کين سندن حق ملن ٿا. ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو به ان نظريي جو حامي هو.

ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو مولانا عبيد الله سنڌي جو شاگرد هو. سندس ئي چوڻ ۽ همٿائڻ تي هن آزاد هند فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. آزاد هند فوج يا انڊين نيشنل آرميءَ جو بنياد 1942 ۾ رش بهاري بوس ۽ موهن سنگھ وڌو. جنگي قيدين پاران قائم ڪيل انگريزن خلاف اها آزاديءَ جي جنگ لاءِ وڙهندر آرمي فورس هئي.  جنهن کي بعد ۾ ڪانگريس کان باغي ٿيل سڀاش چندر بوس عروج تي پهچايو. سڀاش چندر بوس جي ان نعري ته ” توهان مونکي پنهنجا سِرَ ڏيو مان اوهان کي آزادي ڏيندم“ جي جواب ۾ هند سنڌ جا ڪيترائي نوجوان آزاديءَ جي ان فوجي جنگ ۾ ساڻس شامل ٿيا هئا. جن ۾ محمد هاشم گهانگهرو به هڪ هو. 1946ع ۾ بوس جي مرڻ جي خبر ڦهلجڻ تي آزاد هند فوج ٽٽي وئي ۽ فوجي آفيسرن ۽ سپاهين کي انڊين آرميءَ ۾ شامل ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته انهن ۾  وڏو انگ انهن فوجين جو هو جيڪي اڳي ئي انڊين آرمي جا هئا پر  مختلف ملڪن ۾ جنگي قيدي ٿي ويا هئا انهن سميت نون ڀرتي ٿيلن لاءِ به ساڳي آڇ هئي. هاڻي ٻه رستا هئا . يا ته هو انڊين آرميءَ جو حصو ٿي وڃن جيڪا انگريزن جي ڪنٽرول ۾ هئي يا وري هو انڊين آرمي ايڪٽ تحت رٽائر ٿي وڃن. بابا انگريزن جي آرميءَ ۾ ڪم ڪرڻ بدران رٽائر ٿيڻ چونڊيو. ان رٽائرمينٽ تحت کيس سنڌ ۾ زمينون جاگير طور ڏنيون ويون.

پنهنجي من پسند ماڻهن ۽ رٽائر فوجين کي زمينون، جاگيرون ڏيڻ جو سلسلو انگريزن جي دور ۾ اڳ ئي قائم هو. انگريزن پاران زمينون ورهائڻ کسڻ واري عمل خلاف هند توڙي سنڌ ۾ انگريزن خلاف الاٽي تحريڪ جاري هئي. جڏهن ته سنڌ ۾ اڳ کان ئي يعني 1938ع کان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سرواڻيءَ ۾ سنڌ هاري تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ۽ بابا جيڪو پاڻ ان الاٽي تحريڪ جو حامي هو،  سنڌ جي هڪ ڳوٺ ۾ زمين جي هڪ ننڍڙي ٽڪري جو مالڪ هو ۽ هارين سان ٿيندڙ حڪومتي زيادتين کان واقف هو. تنهن جي ضمير اهو گواره نه ڪيو ته هو ان مراعت طور مليل زمين جو جاگيردار بڻجي. انڪري هن اها زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏي. اهڙيءَ طرح هن انگريزن جي دور ۾ اڀريل الاٽي تحريڪ کي مان ڏنو ۽ پاڻ کي انگريزن پاران انعام ۾ مليل جاگير هارين کي ارپڻ جو هڪ مثال قائم ڪيو ۽ پڻ ان نظرئي جو عملي مظاهرو ڪيو ته زمين خدا جي آهي جو کيڙي سو کائي.

ورهاڱي کانپوءِ هڪ ڀيرو وري سنڌ ۾ الاٽي تحريڪ جي شروعات ٿي، جڏهن سنڌ جون زمينون فوجين سان گڏ هندستان مان لڏي آيل ماڻهن کي الاٽ ڪري ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان تحريڪ ۾ قاضي فيض محمد ۽ ٻين ساٿين سان گڏ ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو اڳرو اڳرو ٿي ڪم ڪيو. ان تحريڪ جو مک مرڪز محرابپور۾ محمد هاشم گهانگهري جو گهر هو. جتي سڄيءَ سنڌ مان آيل هارين جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون.  پنجاب جي هاري تحريڪ جا سرگرم  اڳواڻ چوڌري فرزند علي، سي آر اسلم  ۽ ٻيا هاري اڳواڻ ۽ ڪارڪن جن جا نالا ذهن تي نه ٿا اچن، سي به  اانهن گڏ جاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا هڪ ڪمري وارو اهو گهر تحريڪ جي مرڪزي آفيس هو. ان گهر جا سڀ فرد ان تحريڪ جا ورڪر هئا. اهڙيءَ طرح ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ طور سنڌ جي تاريخ جي هن ٻي الاٽي تحريڪ ۾ پڻ  عملي حصو وٺي هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي. ۽ ڪيترن ئي هارين کي سندن حق وٺرائي ڏنا. ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي ” جوکيڙي سوکائي“ واري نظرئي جو نه رڳو حامي بلڪه عملي ۽ سرگرم ڪردار نڀائيندڙ ثابت ڪيو ۽ پنهنجي سماج توڙي ايندڙ هر نسل لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو.

اڄ هو اسان جي وچ ۾ ناهي پر اسانجو فرض آهي ته  ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري ۽ اهڙن  ٻين عظيم ڪردارن جي مثالن سان پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي پاڻي ڏئي پنهنجي ڪردار کي اعليٰ بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون. زر ۽ زمين انسان جون اولين ڪمزوريون آهن. انهن جي حاصلات لاءِ انسان پنهنجي رت جي رشتن کي به وساري ويهي ٿو. ممڪن آهي ته ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري  پنهنجي خوابن ۾ جن روحن يا انسانن ذريعي پنهنجي آدرشن ۽ نظرين کي پروان چڙهندي ڏٺو هوندو سندس آدرشن ۽ نظرين کي مسخ ڪرڻ وارا اهي ئي پهريان ماڻهو هجن. ڇو ته ضمير کي جئاري هلڻ کان وڌيڪ آسان ضمير ماري هلڻ آهي. آسانيءَ جي چونڊ دنيا جو دستور رهي آهي. اڃا دنيا قائم آهي، زندگيءَ جو سفر جاري آهي ته حق ۽ باطل جي جنگ جو سلسلو به جاري آهي. حق۽ انصاف توڙي ويساه گهاتيون ريل جي پٽڙيءَ وانگر گڏ گڏ هلن ٿا.

نئين نسل کي سمجهائڻو آهي ته ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جهڙا بي غرض، انسان ۽ ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ وارا ڪردار پنهنجي بهتر ۽ مثبت عملن ڪري اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا. ماڻهوءَ جو مثبت ڪم مري نه ٿو. شعور۽ انسانن سان محبت وارا رويا ماڻهوءَ جي ڪردار کي يادگار بڻائن ٿا. انسانن سان محبت ئي  ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرتي توڙي قوم لاءِ ڪجهھ ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي ۽ جيڪو ماڻهو انسانن سان محبت ڪري ٿو وقت ۽ تاريخ ان کي محبت سان  ياد ڪن ٿا. بي ضمير يا سطحي ۽ لالچي سوچ رکندڙ ماڻهو درحقيقت انسان ۽ انسانيت سان محبت واري عظيم جذبي کان محروم هو ندا آهن. اهي وقتي فائدا ته حاصل ڪري وٺن ٿا پر تاريخ سندن ڪردارن کي سندن عملن جي تناظر۾ ئي ياد ڪري ٿي.

اڄ ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جي 29هين ورسي آهي. يقينن انهن 29هن سالن ۾ تمام گهڻو ڪجهھ بدلجي ويو آهي، پر سندس سوچ ۽ سندس نظريو ساڳيءَ طرح موجود آهن ۽ سندس سوچ سان سلهاڙيل هر باشعور ۽ باضمير ماڻهوءَ ذريعي انهن جو ڦهلاءُ ممڪن آهي . .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.