سنڌ، جتي قبرون به ڪمائي ڏين ٿيون

ذلفي چاچڙ

گذريل ڏينھن آئون موٽر سائيڪل تي چڙھي ڪمون شھيد ويجھو زورآور پير تي ويس، ڇو ته مونکي مقتول امداد علي چاچڙ جي وارثن سان تعزيت ڪرڻي ھئي، جيڪو رمضان المبارڪ جي بابرڪت مھيني ۾ ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ افغان دھشتگردن ھٿان قتل ٿي ويو ھو، سندس وارثن سان منھنجي اڳ ۾ ڪا به ذاتي ڏيٺ ويٺ نه ھئي، آئون صرف قوميت (سنڌيت) واري جذبي تحت ساڻن ملڻ لاءِ سنڀري نڪتو ھيم، ته جيئن سندن ڏک ۾ کين آٿت ڏئي اچان ۽ ڪجھ ڪيس متعلق به صورتحال معلوم ڪري سگھان، جو ڪراچي ۾ ڪيترائي سنڌي نوجوان افغانين ھٿان قتل ٿي چڪا آھن، پر سواءِ رحيم شاه جي تقريبن ٻيا قاتل قانون جي گرفت ۾ اڃان تائين نه اچي سگھيا آھن. متاثر ڪٽنب نھايت ئي شريف ۽ مسڪين آھي، وٽن پنھنجو ذاتي گھر به ناھي، جيڪو خاندان پير زورآور شاه جي درگاه جي سارسنڀار ڪندو رھي ٿو، سندن رھائش پڻ درگاه جي ڀرسان درگاه جي دائري ۾ ايندڙ زمين تي ٺھيل ڪچن ۽ ڪکاون گھرن ۾ آھي. مقتول جي ڀاءُ ٻڌايو ته شھيد امداد قتل ڪيس ۾ شروع جو ڇھه ڄڻا گرفتار ڪيا ويا ھئا، جن مان ٽي ڄڻن کي ڇڏي ڏيڻ واريون خبرون اسان تائين پھتيون آھن، ان ڪيس متعلق اسان سان ھن مھل تائين  سياسي، سماجي ۽ قومپرستن مان ڪنھن به شخص رابطو ناھي ڪيو ۽ اسين اڪيلي سر ايترو پري وڃي ڪيس وڙھڻ واري پوزيشن ۾ ناھيون، ۽ نه ئي اسان وٽ ايترا وسيلا به آھن.

جتان اٿي آئون ڳوٺ سونو خان چاچڙ وڃڻ لاءِ ڪمون شھيد کان کنڀڙا / مريد شاخ ويندڙ لنڪ روڊ تي آيس ته ڳوٺ بگڙا ڪوريء ويجھو روڊ سان گڏ مونکي کڀڙ جي وڻ ھيٺيان ڪجھ قبرون ٺھيل نظر آيون، بائيڪ کي بريڪ ڏئي اسٽيڊ تي بيھاري وڃي ڏٺم ته حيرت ٿي، ڇو ته چار قبرون گڏ ۽ ڪجھه قدمن جي مفاصلي تي ٻئي ٻيون قبرون به نظرون آيون، جيڪي پڻ گڏ گڏ ھيون، آئون اچرج ۾ پئجي ويس ته ھي ڇھه قبرون ڪنھن جون ٿي سگھن ٿيون، ڇو ته سال کن اڳ ۾ جڏھن آئون اتان گذريو ھئس ته اتي اھڙو ڪجھه به نه ھو، ۽ ڇهھ ماڻھن جو موت گڏ ڪيئن ٿيو ھوندو؟ ۽ انھن کي اتي ڇو دفنايو ويو، جڏھن ته ان ھنڌ کان سڏ پنڌ کن پري قبرستان آھي، جنھن ۾ ڪافي گنجائش پڻ موجود آھي، توڙي جو نيشنل ھاءِ وي تي حادثا روز جو معمول بڻيل آھن، اھڙن حادثن جو شڪار اڪثر موٽر سائيڪل سوار بڻجندا رھن ٿا، تازو ئي اھڙو ھڪ افسوس جوڳو واقعو به پيش اچي چڪو آھي، جو غلام رسول نالي شخص پنھنجي معصوم ڌي، پٽ ۽ ڀاڻيجَي سميت ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو ھو، جن کي پڻ ڳوٺ جي مقام ۾ دفنايو ويو ھو، پر رستي تي موجود ھي قبرون ڪنھن جون ٿي سگھن ٿيون ۽ کين ان ھنڌ تي ڇو دفنايو ويو آھي، اھو سوال مونکي پريشان ڪري ڇڏيو.

ڇھن ئي قبرن جي بناوٽ اھڙي طرح ٿيل آھي، جو ڏسڻ واري شخص کي ايئن محسوس ٿيندو آھي ته اھي قبرون ڏهه کان پندرنھن سال جي عمر وارن ٻارڙن جون آھن، انھن قبرن مان چار قبرون چار پنج فٽ اوچي ٺھيل کڏي نما ڪمري جي اندر آھن، جنھن کي ڪا به ڇت ناھي، رڳو ڪاٺيون رکي مٿان ڪپڙا ڏئي قبرن تي ڇانوء ڪئي وئي آھي، جتي ماڻھو ويھي يا اندر وڃي به نٿو سگھي ، اھا کڏي اھڙي طرح ٺھيل آھي، جيئن ڳوٺن ۾ ماڻھون ڪڪڙين لاءِ کڏيون ٺاھيندا آھن، جنھن جي دروازي تي پراڻي رلي ٽنگي وئي آھي، ۽ ٻئي قبرون ان کڏي کان ٻاھر احاطي ۾ آھن، جن تي سائي رنگ جو پَڙ (ڪپڙو) پيل آھي، جتي عَلم ۽ نلڪو پڻ لڳايو ويو آھي، چندي جي پيتي کي سرن جي چنائي ۾ سيمنٽ سان اھڙي ريت مضبوطي سان ڦاسايو ويو آھي، جو اتان ڪير به ان کي آسان سان اکوڙي پٽي چورائي نٿو سگھي، اتي رکيل ٻھاري مان مون ھڪ تيليء ڪڍي پئسن واري پيتي ۾ وجھي ڏٺو ته اڌ پيتي پئسن سان ڀريل ھئي، جنھن ۾ ڪجھه سڪا پڻ پيل ھئا.

آئون ذھن ۾ ڪيترا ئي سوال، خيال ۽ وسوسا کڻي بگڙا ڪوري اچي ڪنھن کان ماجرا معلوم ڪرڻ جو سوچي ھليو آيس، موٽر سائيڪل جي سواري دوران بي ترتيب ٿيل وارن کي ڦڻي ڏيڻ لاءِ ھڪ سيلون اڳيان اچي بيٺس، ڏٺم ته حجم ويچارو واندو ويٺو اوٻاسيون ڏئي رھيو ھو، آئون اچي ديوار تي لڳل وڏي شيشي جي سامھون پيل ڪرسي تي ويٺم ۽ حجم کي وار ٺاھڻ ۽ شيوَ ڪرڻ جو چيو، توڙي جو شيوَ مون ھڪ ڏينھن اڳ ۾ خود ئي ڪئي ھئي، ۽ وار سيٽ ڪرائڻ لاءِ پندرنھن ڏينھنَ ۾ اڃان ھڪ ھفتو باقي ھو، پر حجم کي واندو ويٺل ڏسي مٿس ڪَھل اچي وئي، جنھن جھٽ ۾ ڪپڙو ويڙھي پاڻيءَ جي بوتل کڻي ڦوھاري سان منھنجا وار آلا ڪرڻ لڳو ته جيئن کيس ڪٽڻ ۾ سولائي ٿئي. جڏھن مون ساڻس قبرن بابت پچار ڪئي ته ھن ڦڻي ڏيڻ وارو سلسلو روڪي جھڪي منھنجي منھن جي ويجھو پنھنجو منھن آڻيندي چيو، ته ڇا واقعي سچ ۾ توکي خبر ناھي، ڄڻ ته کيس منھنجي اڻڄاڻائي تي حيرت ٿي ھجي. مونکي وڌيڪ تجسس ٿيو، مون وراڻيو، ته نه مونکي ان قبرن متعلق ڪا به ڄاڻ ناھي ته ڪنھن جون آھن؟ ھو آھستي آھستي پنھنجو ڪم جاري رکندي تفصيل ٻڌائڻ لڳو ته، ڏھاڪو سال اڳ ان ھنڌ تي موجود کڀڙ جو وڻ ڪڍائڻ لاءِ زميندار جمعو خان ڏھر ايڪسيويٽر مشين آندي ھئي، جيڪا وڻ ڪڍڻ دوران ڪلٽي ٿي پئي ھئي، ۽ علائقي ۾ اھا ڳاله مشھور ٿي وئي ھئي ته ان وڻ ۾ ڪنھن بزرگ ھستي جو آستانو آھي. ڌڻي ڏني ڪوريءَ جي گھرواريءَ ماسي خيري، جنھن اڳ ۾ جاڳرون وجھڻ ۽ تعويذ ڦيڻن وارو ڪم شروع ڪيو ھو، جيڪو ڪم ڪجھه وقت ھلي پوءِ بنهھ ختم ٿي ويو ھو، کي خواب ۾ الھام ٿيو ته ان ھنڌ تي اسان جو قبرون ٺاھيون وڃن، جنھن کان پوءِ اھي قبرون ٺاھيون ويون آھن. خيريء ڪورياڻي جيڪا روز اتي وڃي ٻھاري ڏئي، پاڻيءَ جا مٽ ڀريندي آھي، ۽ پئسن واري پيتي جو تالو، جنھن جي چاٻي ھو سڳي ۾ ٻڌي ھلندي آھي، کولي "مرادي” گھر کڻي ايندي آھي، جنھن سان ھن جو نه رڳو گھر جو چرخو ھلندو آھي، پر ان مان ڪجھه ڳهھ ڳٽا به ٺھرائي ورتا آھن، جيڪي زيور ھن نه صرف پاڻ پاتا پر پنھنجي ننھَنَ کي به ڏنا آھن، ۽ ھاڻ ڪڻڪن جي سيزن ۾ ھن ھڪ ميگھواڙ ڇوڪرو ڏھاڙي تي پاڻ سان گڏ رکي تر مان اَنَ جي اوڳاڙي به ڪئي، ته جيئن انھن قبرن تي ميلو لڳائي سگھجي، ڄاڻايل قبرن بابت من گھڙت ڳالھيون آسپاس ۾ گھڻيون مشھور ٿينديون پيون وڃن، جن جو حقيقت سان ڪو پري جو به تعلق ناھي، جيڪي ٻڌي پري پري تائين جا ماڻھون زيارت ڪرڻ لاءِ پنھنجو پئسو ۽ وقت خرچ ڪري اچن ٿا، ۽ جيڪڏھن اتي ميلي جو بنياد پئجي ويو ته ھي به مستقبل جي ڪا وڏي درگاه ثابت ٿيندي ۽ اسان جو ايندڙ نسل وڌيڪ گمراھي جو شڪار ٿي ويندو، ڪمون شھيد ۔ کنڀڙا روڊ کي ٺھندي ٽيھ سال به مس ٿيا ھوندا، ان کان پھريان زمين ليول تي ڪچو رستو ھوندو ھو، جتي بعد ۾ مٽيءَ جو ڀرا ڪري روڊ تعمير ڪيو ويو ھو، ان جا اڄ به ڪيئي اکين ڏٺا شاھد جيئرا آھن، ته اتي ڪو به قبرستان وغيره نه ھو، ته پوءِ اھي پراسرار قبرون ڪنھن جون ٿي سگھن ٿيون؟  ضلعي انتظاميه کي گذارش ڪجي ٿي ته جعلي قبرون ڊاھي پٽ ڪيون وڃن، ڇو ته اھا جاءِ ھاڻي ھوريان ھوريان موالين جي آمجگاه بڻجندي پئي وڃي، جنھن سان اخلاقي ۽ سماجي برايون پئدا ٿيڻ جو انديشو آھي، ۽ روڊ تي قبضو ڪري رستي کي سوڙھو ڪيو پيو وڃي، جنھن سبب ڪمند، پلال ۽ بوه سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالين جو گذرڻ ڏکيو ٿي پيو آھي، ان لاءِ اھي حددخليون فورن ھٽايون وڃن، ۽ خلق کي گمراه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ خيري ڪورياڻي کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.