شديد گرمي ۽ بجلي بحران سبب ڪو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو

هن وقت هڪ پاسي سڄي ملڪ ۾ گرمي پد وڌي ويو آهي، موسميات کاتي  موجب ايندڙ هفتو به گرم ترين رهندو،ان دوران گرمي جو  درجو سراسري طور40  ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي هوندو، ٻئي پاسي ملڪ جي هر هنڌان بجلي جي لوڊ شيدنگ جون شڪايتون اچي رهيون آهن، ڪجهه علائقن ۾ گرمي جي اثر پوڻ سان بيماريون به پيدا ٿي پيون آهن، موسم بابت لاڳاپيل ادارن موجب  ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ 14 کان 17 مئي تائين معمولي رليف جو امڪان آهي ڇو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ مٽيءَ جي طوفان، هوائون ۽ طوفان جو امڪان آهي.جڏهن ته، ڏينهن جي وقت گرمي پد 18 مئي کان ٻيهر وڌي ويندو.اڳڪٿي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هيٽ ويو ايندڙ هفتي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.اهڙين گرمين جي ڪري مختلف بيمارين جو خطرو رهندو.لاڳاپيل کاتي موجب موسمن جي آيل ڦيري جو هن وقت خطرناڪ نتيجو ظاهر ٿي رهيو آهي.اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هن سال اوچتو سياري کان اونهاري جي موسم ۾ داخل ٿينداسين.

هن ڀيري موسم جي تبديلي جا ڪيترائي نوان پاسا سامهون اچي رهيا آهن.جنهن موجب هن سال اونهاري جو مدو اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيندو ۽ ان جي شدت پڻ وڌيڪ رهندي. ڪراچي ۾ سخت گرمي برقرار آهي، مسلسل گرم هوائن سبب زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، شهر قائداعظم ۾ ڪالهه به گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو.اهڙي صورتحال ۾ بجلي نه هئڻ جي ڪري سموري رواجي زندگيءَ شديد متاثر ٿي رهي آهي، ماڻهون رواجي ڪم ڪرڻ جي به قابل نٿا رهن.ان سلسلي ۾ هڪ تازي جاري ڪيل الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلوچستان جي ريگستاني علائقن مان ايندڙ گرم هوائن سبب سامونڊي هوائون بند ٿي ويون آهن.ماهرن اهو به ٻڌايو آهي ته  هوائن ڪراچي ۽ ساحلي پٽي جي ڪجهه ٻين علائقن کي سخت گرميءَ جي شدت کان بچائي ورتو هو.

سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ هلندڙ گرمي جي لهر سبب اڪثر روڊ رستا اڳي جي مقابلي ۾ ويران آهن. ماڻهو پاڻي واپرائي يا وري ڪن هنڌن تي وهنجي ڪري گرمي کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن موسميات کاتي پڻ عوام کي هدايت ڪئي آهي ته موٽر سائيڪل تي سفر ڪندڙ هر حال ۾ پنهجو مٿو ۽ منهن ڍڪي هلن، ڪراچي ۽ ٻين سامونڊي ڪنارن کي ويجهن شهرن توڙي علائقن ۾ گهم جي هئڻ ڪري اتي گرمي جو اثر گهٽ ٿئي ٿو، ان هوندي به هيءَ گرمي گهڻي خطرناڪ آهي.

سموري ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ هئڻ جي ڪري ماڻهون گهڻي پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، هن وقت ماڻهون اڳوڻي سرڪار تي اڳي ئي ڪاوڙيل هئا پر موجودهه سرڪار بجلي جي بحران بابت اهو چيو هو ته مئي جي شروعات ۾ اهو بحران ختم ٿي ويندو جنهن تي به ڪٿي عمل ٿيندي نظر نٿو اچي. جنهنڪري هن موتمار گرمي م ماڻهن جي مزاج جو ٽيمپرچر پڻ وڌي رهيو آهي.

گرمي ماڻهوءَ کي هيڻو ڪري ٿي ڇڏي جنهنڪري جسم۾ سور ٿيڻ لڳي ٿو، رات توڙي ڏينهن جو پورو آرام نه ٿيڻ جي ڪري انسان جي صحت تي منفي اثر ٿي رهيو آهي،جنهن سان ڪيتريون ئي ٻيون پيچيدگيون به جنم وٺي رهيون آهن،

هن ملڪ جو عجب دستور اهو آهي ته هتي جو هر حڪمران پنهنجي  ذمي ڪمن کي قبول ڪرڻ جي اخلاقي ذميداري ڪڏهن به پاڻ کڻڻ جي روايت نه وڌي آهي جنهنڪري هر ڌر اڳوڻي حڪومت تي سمورو بار وجهي پاڻ کي آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.

ڪجهه وقت اڳ وزيراعظم شهبازشريف چيو هو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت بجلي بحران کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪا به رٿا نه جوڙي هئي بلڪه انهن ته اڳي ئي هلندڙ رٿائن يا سسٽمن جي مينٽيننس به نه ڪئي هئي جنهنڪري اهو بحران موجود آهي، گذارش هي آهي ته اوهان جيڪو ڪجهه ڪريو پيا اهو صاف ٻڌايو ته اندازو ڪجي ته عوام کي ڪهڙو رليف ملندو.

ملڪ جو ڪو به شعبو سڌو نه آهي، اهو سڀني کي پتو آهي، ملڪ جي معيشت ويهي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو تڪڙو قدم نه کنيو ويو ته حالتون هٿن مان نڪري وينديون ،هاڻي به بجلي جي قيمتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهي ٿو عام ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻڄن جو پيٽ ڪٽي به اهو بل ڀرڻ جي لاءِ مجبور آهي، هاڻي به رڳو عوام کي شنوايون ئي ڏيڻيون آهن، يا وري اڳوڻي حڪمرانن جيان اهو ئي پراڻو راڳ ڳائڻو آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط قبولڻ مجبوري آهي، پر اهو سڀ ڪجهه هڪ عام ماڻهوءَ تي بار وڌي ٿو، جنهن جي ڪري ماڻهن ۾ هاڻي ڪنهن به مصيبت کي سهڻ جي ڪا به سگهه نه آهي، موجودهه حڪمرانن کي گهرجي ته بجلي جي بحران جي حل بابت فوري ۽تڪڙو فيصلو ڪري عام کي هن دوزخ جهڙي گرمي مان نجات ڏياري وڃي.

دنيا ۾ وڌندڙ گرمي پد کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترا ئي پروجيڪٽ موجود آهن اهڙين گرمين ۾ عرب ملڪ به هٿرادو برساتن جو سسٽم استعمال ڪري ان مان عوام کي فائدو ڏين ٿا، متبادل توانائي تي ڪم ڪندي ڪيترا ئي  ملڪ هاڻي ٽرانسپورٽ جو سسٽم بجلي ۽بيٽري تي آڻي رهيا آهن،سڌريل ملڪن ۾ موسم کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ وڏيون ۽ ڊگهيون رٿون جوڙيون ويون آهن، عملي طور تي وڻڪاري تي ڪم ٿي رهيو آهي، اسان وٽ هٿ سان هر نظام کي تباهه ڪرڻ واري روايت جاري آهي.  جيڪڏهن هنن گرمين ۾ به بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ جي ڪا حڪمت ملي نه جوڙي وئي ته جلدي ئي ملڪ ۾ ڪو  وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.