پاڻي گهوٽالو: سڄڻ کي ڀئو دشمن کي آسرو

محمد خان سيال

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ کوٽ بابت ھر ڏھاڙي نوان نوان داستان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جيڪا مکيه ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهھ آھي. تازو اھا به خبر آئي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 57 سيڪڙو ٿي وئي آھي جيتوڻيڪ گڊو براج ۽ سکر بيراج وٽ وھڪرن ۾ ٿورڙي واڌ به ٿي آھي. بھرحال، گڊوءَ وٽ پاڻيءَ جي کوٽ 90 سيڪڙو، سکر 47 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 68 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي جڏھن ته ڪوٽڙي وٽ کوٽ 70 سيڪڙي کان به وڌي وڃڻ جو امڪان آھي.سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شھرن ۾ آبادگارن، ھارين توڙي مختلف کاتن سان واسطو رکندڙ ماڻھن احتجاجي مظاھرن جو سلسلو جاري رکيو آھي جيڪا مناسب ڪارروائي آھي جڏھن ته مختلف شھرن ۾ شاخن ۽ واھن ۾ واريءَ جي اڏام به جاري رھي آھي، مال لاءِ به پاڻي ڪونھي، جنھنڪري مالوند سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن.

انھيءَ ۾ ذرو به شڪ ناھي ته سڄي سنڌ جو مکيه دارومدار پاڻيءَ تي ٻڌل ھوندو آھي. پاڻيءَ جي بنياد تي ئي مکيه ڪاروبار يعني فصل پيدا ٿين ٿا جن جي ڪري سنڌ جي ڪروڙن انسانن جو صدين کان پراڻو گذر سفر جاري آھي. بھرحال، اھو اھم مسئلو آھي ته سنڌ کي ڪيترن ورھين کان سندس پاڻيءَ جو جائز حصو ڪونه ٿو ملي ۽ ان کي ھضم ڪرڻ لاءِ مختلف ناٽڪ رچايا ويندا آھن مطلب ته جيڪڏھن پاڻيءَ جي زوردار کوٽ آھي ته سڀني کي ممڪن جائز حصو ڏيڻ بدران رڳو سنڌ کي وڌيڪ ڀوڳڻو پوي ٿو. پاڻيءَ جي بار بار کوٽ، سنڌ جي عوام کي تباھيءَ جي ڪناري تائين پھچائي ڇڏيندي آھي جيڪا معمولي ڳالهھ ناھي. ليکڪ طور مون به ڪيترن ورھين کان سنڌ کي پاڻيءَ جي زوردار کوٽ خلاف  مختلف اخبارون ۾ کوڙ ڪالم لکيا آھن ڇاڪاڻ ته اسان سڀني جو مکيه مقصد سنڌ خلاف پاڻيءَ جو اھم زيادتيون  ختم ڪرائڻ آھي. ھونئن به جيڪڏھن پاڻيءَ جي کليو کلايو کوٽ يعني زيادتيءَ کي اھميت نه ڏينداسون ته، الله پاڪ ته نه ڪري، سنڌ تباھ ٿي سگهي ٿي.

ھاڻي اچو ته پاڻيءَ جي کوٽ واري ھاڻوڪي صورتحال جو جائزو وٺون. ميڊيا موجب سڀ کان مکيه شڪايتون”ارسا“ اداري يعني انڊس رور سسٽم اٿارٽيءَ خلاف آھن  جيڪو 22 مئي 1992 تي ٺھيو ۽ ان جي ھيڊ آفيس اسلام آباد ۾ آھي جڏھن ته  منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب ارسا خلاف لاڳيتو شڪايتون پراڻي وقت کان جائز آھن. ان کان اڳ ميڊيا اھا به ڇاپي ھئي ته وفاقي اداري ارسا طرفان ڇڏيل 82 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڪاڏي ويو؟ ٽن ڏينھن ۾ سنڌ جي سکر بيراج ۾ رڳو 4100 ڪيوسڪ پاڻي پھتو. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي 52 سيڪڙو کان وڌي 62 سيڪڙو ٿي وئي آھي. سکر بيراج ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي 45 سيڪڙي کان 53 سيڪڙي تائين پھچي وئي آھي. پاڻيءَ جي گهٽتائي ڪارڻ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بيٺل فصلن کي سخت نقصان پھچي رھيو آھي. ھلندڙ موسم ۾ ڪپهھ جو فصل40 سيڪڙي تائين گهٽ ٿيڻ جو خطرو آھي.

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌريءَ اھا دعوى ڪئي آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ پنجاب جو پاڻي سنڌ کي ڏنو وڃي ٿو.پنجاب ۾ پاڻيءَ جو مسئلو ٿي ويو آھي ۽ پاڻي گهوٽالي سبب پنجاب جا فصل متاثر ٿيندا.مون کي فواد چوڌريءَ جو غلط بيان پڙھي زوردار ڏک ٿيو.ھونئن به سندس اڳوڻي وزيراعظم جي عمران خان نيازيءَ جي دور ۾ وفاقي وزير ھئڻ دوران سندس ڪردار سخت اعتراض جوڳو رھيو آھي ۽ سندس بيانن مان ظاھر ھو ته کيس سنڌ سان زوردار نفرت ھئي.سندس انھيءَ سنڌ دشمنيءَ جي ڪري کيس ڪيترا ماڻھو ”فراڊ چوڌري“ سڏيندا رھندا ھئا.ھونئن به ڏسجي ته  سندس ڪردار زوردار اختلافي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل رھيو آھي. ٻيو ته ٺھيو اھا به خبر ڇپي آھي ته سنڌ لاءِ جيڪو پاڻي جاري ڪيو ويو سو اعلان جي باوجود سنڌ کي گهڻو گهٽ مليو آھي. الٽو وري سنڌ خلاف نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ ھن ڪوڙو بيان ڏنو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ پنجاب جو پاڻي، سنڌ کي ڏنو پيو وڃي. انھيءَ بيان تي سخت ڏک ئي ظاھر ڪري سگهجي ٿو ته پنجاب طرفان سنڌ سان پاڻيءَ جي مسئلي تي ٿيندڙ کليو کليو پراڻي زيادتين جو کيس ٽڪو به احساس ڪونھي. ميڊيا ۾ مون پاڻ اھا خبر پڙھي ھئي ته وفاقي اداري ارسا طرفان ڇڏيل 82 ھزار ڪيوسڪ پاڻي  آخر ڪاڏي ويو؟ ٽن ڏينھن ۾ سنڌ جي سکر بيراج ۾ رڳو 4100 ڪيوسڪ پاڻي پھتو آھي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي 52 سيڪڙو کان وڌي 62 سيڪڙو ٿي وئي آھي.

اھا پنھنجي جاءِ تي سچائي آھي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازيءَ جي دور ۾ سنڌ سان کليو کلايو زيادتيون ڪيون ويون. پوڻن چئن سالن ۾ نه رڳو ڪيترا ڀيرا سنڌ جا جائز اربين رپيا، ميڊيا ۾ ڇپيل خبر موجب گهٽ ڏنا ويا پر وفاق، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ پنھنجو ڪو خاص ڪردر ادا ڪونه ڪيو. کين رڳو سنڌ جي ھڪ شھر ڪراچيءَ جي ٿوري گهڻي ڳڻتي ھئي پر سڄي سنڌ جي ھرگز ڪونه. ڪنھن دوست جو چوڻ آھي:”وڌيڪ نقصان سندس پارٽي جي ميمبرن جي زوري واڌو آبادي سبب ٿيو. نصير ڪئنال جي پوڇڙ تي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي پر مٿي ٽنڊي الهيار وٽ ڪيلو ڏسو ته 100 سيڪڙو آباد آھي، پوڇڙ وارا بددعا ٿا ڏين.“ منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب پاڻي تي سڀ کان پھريون حق، پڇڙيءَ وارن آبادگارن جو آھي ۽ شروع وارن جو پوءِ آھي. مون کي اسلامي ملڪ مصر جو اھم مثال ياد آھي آھي انھن وٽ جيڪا نندي (رور) آھي سا 11 ملڪن مان گذري ٿي. جيڪڏھن رڳو پھرين نمبر وارن جو حق ھجي ھا ته 10 ملڪ  محروم ٿي وڃن ھا. بھرحال، منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب پڇڙيءَ واري صوبي کي وسارڻ نه گھرجي ۽ نه ئي کين گهٽ اھميت ڏجي.

بھرحال، ھڪ اھم ڳالھ اھا آھي ته پاڻي جي سنڌ کي جيڪا به کوٽ ملي ٿي سا ته وڏي زيادتي آھي پر انھيءَ جي باوجود انھيءَ جي خاطري ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏھن گهڻو گهٽ پاڻي ملي ٿو ته انھيءَ تي ڀلي ڌارين وٽ سخت احتجاج ڪجي پر سنڌ اندر پاڻيءَ جي ورڇ ۾ زيادتيون ڪونه ڪرڻ گهرجن ۽ نيڪ نيتيءَ سان رھيل پاڻيءَ جي به مناسب ورڇ ڪرڻ گهرجي ٻي حالت ۾ اسان جو عوام جون پاڻيءَ جي ناجائز کوٽ سبب سندن جانيون خطري ۾ پئجي وڃن ٿيون ۽ اھڙي گستاخيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ زوردار اھميت ڏيڻ گهرجي.

محترم ادريس راجپوت جي مختصر پوسٽنگ جو حوالو ڏيڻ به مناسب آھي ته جيئڻ حالتن کي وڌيڪ بھتر بڻائي سگهجي. سندس چواڻي: ـپاڻي کوٽ واري وقت ۾ آبپاشي وارا، واهن جي وارابندي ڪندا آهن، پر ڊي اوز جي وارا بندي ٿيڻ نٿي ڏني وڃي. مان 1984ع کان 1986ع تائين روهڙي ڪينال جو سپرنٽينڊنگ انجنيئر رهيس. نصير ڪينال ۾ جڏهن پاڻي کٽندو هو ته مان ٽنڊي الهيار ريگيوليٽر مٿان نڪرندڙ نانگنا واهه کي بند ڪرائي ڇڏيندو هوس ته پاڻي پورو ٿي ويندو هو. هاڻي نانگنا واهه کان هيٺ ايترا ڊي اوز منظور ٿيل آهن جو نانگنا واهه بند ڪرڻ سان به پڇڙيءَ تي ڪو اثر نه پوندو جو انهيءَ کان هيٺ، اهي ڊي اوز ۽ ٻيا ڀڳل ماڊول ايترو پاڻي کڻي ويندا جو ٽيل تي پاڻي ئي نه پهچندو. هينئر انهيءَ ڪينال تي پاڻي کوٽ انهن ڊي اوز ۽ ڀڳل ماڊولن ۾ ڪونهي پر خيرپور گنبي وارا ۽ ملڪاڻي شريف وارا ماڻهو ٽيل ۾ کوٽ جي نتيجي ۾ ڌرڻا هنيو  ويٺا آهن. ٻيو ڪارڻ آهي ٽيمپرنگ، يعني ماڊولن ۽ پائيپن ذريعي مان پاڻيءَ جي چوري، اها آبپاشي عملي جي منظوريءَ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ هاڻي منڊ جي حساب سان پئسا وٺڻ بدران، رات جي ٽيمپرنگ جا پئسا ورتا وڃن ٿا ۽ ٽيمپرنگ جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن.“

منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب تازو وفاقي سرڪار توڙي وفاقي اداري انڊس رِور سسٽم اٿارٽي (ارسا) طرفان سنڌ خلاف کليو کلايو وڌندڙ زيادتين جي نتيجي ۾، پاڻيءَ جي کوٽ ايڏي ته تيزيءَ سان وڌي وئي آھي جو اڳتي ھلي سنڌ جي پوک جي تباھيءَ جا امڪان گهڻا چٽا ٿي ويا آھن. تازو ارسا، خريف کانپوءِ ربيع ۾ به سنڌ کي 28 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي جيڪو ظلم جو ڊگهو داستان آھي.

اھا سچائي آھي ته وفاقي اداري ارسا طرفان سنڌ سان لاڳيتو وڌندڙ زيادتين خلاف سنڌ سرڪار گهڻو ئي رڙيون دانھون ۽ شڪايتون ڪندي رھندي آھي پر ارسا تي ان جو ڪو به خاص ۽ دائمي اثر ڪونه پوندو آھي  جو ھو پنھنجون خاميون دور ڪري ڇاڪاڻ ته وفاقي سرڪار جو به پاڻيءَ بابت سنڌ ڏانھن گهڻن ورھين کان رويو ناجائز رھيو آھي پر خاص طور عمران سرڪار جي گذريل چئن سالن جي دور کان علاوھ نواز ليگ جي سربراھ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي اڳوڻي دور ۾ به پاڻيءَ بابت سنڌ سان کليو کلايو زيادتيون  وڌيڪ ھيون  جيڪي ڏوھ وسارڻ جوڳو ھرگز ڪونه آھن. منھنجي اھا ڳنڀيرتا سان ذاتي ڇنڊڇاڻ آھي ته جيڪڏھن سنڌ جنھنجو پاڪستان ٺاھڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو تنھن کي پاڻيءَ جي شعبي ۾ تباھيءَ کان بچائڻو آھي ته ھاڻوڪي وفاقي سرڪار توڙي ان جي خاص اداري ارسا طرفان کليوکلايو سنڌ خلاف پاڻيءَ جي مسئلي تي لاڳيتين زيادتين کي ڏسي، قانون اندر رھي ڪات ڪھاڙا کڻڻ گهرجن. ان کان اڳ، ارسا جو اڳوڻو چيئرمن ۽ پنجاب جو نمائندو رائو ارشاد علي خان پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ جو ڪيترن ورھين تائين کليو کلايو سڀ کان وڏو دشمن رھيو. ھن اھا به غلط دعوى ڪئي ھئي ته سمنڊ ۾ پاڻي ڇڏڻ زيان ۽ بيوقوفي آھي ۽ ھن پنجاب صوبي ۾ تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي اڻٽر ڪوٺيو ھو.

تازو اھا به خبر ڇپي آھي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 53 سيڪڙو ھئي جڏھن ته سنڌ سرڪار ارسا کان مطالبو ڪيو ھو ته 80 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو وڃي. ٻئي طرف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جو چوڻ ھو ته 2000 سال کان وٺي بين الصوبائي پاڻيءَ جي  ٺاھ تي عمل ناھي ٿيو. پاڻيءَ جي کوٽ جي صورتحال بلڪل ڳڻتي جوڳي آھي، سي سي آءِ اجلاس ۾ وزيراعظم شھباز شريف کي درخواست ڪيل آھي. وڏي وزير مطالبو ڪيو آھي ته 91 ٺاھ تي عمل ڪيو وڃي.  پاڻيءَ جي مناسب ورڇ ٿيل ناھي سا برابريءَ جي بنياد تي ڪئي وڃي. سنڌ سرڪار به پاڻيءَ جي کوٽ خلاف وفاق کي خط موڪليو آھي.

انھيءَ کان علاوھ، پرڏيھي وزير  بلاول ڀٽو زرداريءَ، شھباز شريف سان گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ سان پاڻيءَ جي زيادتين ۽ ارسا جي نامناسب رويي خلاف گڏجاڻيءَ ۾ آواز اٿاريو آھي.

بھرحال، وفاقي اداري ارسا تي سڌي يا اڻ سڌي ريت پنجاب جو مکيه ڪنٽرول رھيو آھي، انھن جو خاص مقصد سنڌ کي وڌ کان وڌ نقصان پھچائڻ ھوندو آھي ۽ ماضيءَ ۾ به انھن بلوچستان کي سنڌ خلاف ڪم آندو پر انھيءَ جو نمائندو پنجاب جي زيادتين تي اکر به ڪونه ڳالھائيندو ھو. اسان جو عرض آھي ته پاڻيءَ جي مسئلي تي پنجاب ۽ وفاق خلاف  ڳنڀيرتا سان سنڌ سرڪار ۽ ٻيا واسطيدار ايڪشن کڻن جنھن ۾ سنڌ جي ڀلائي سمايل ھوندي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.