هيٽ اسٽروڪ سان دل جو دورو، معذوري ٿي سگهي ٿي: قومي صحت ادارو

اسلام آباد(م ڊ) قومي صحت اداري ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ گرمي پد جي تازي لهر جي تناظر ۾ هيٽ / سن سٽروڪ بابت هدايتون جاري ڪيون آهن. اهي ايڊوائزري هيٽ / سن اسٽروڪ جي روڪٿام جي حوالي سان بروقت ۽ مناسب قدمن لاءِ صحت جي لاڳاپيل ادارن کي جاري ڪيو ويون آهن. ايڊوائزري مطابق هيٽ اسٽروڪ هڪ اهڙي طبي حالت آهي جنهن جو بروقت مناسب علاج نه ڪيو ته اهو جان ليوا ثابت ٿي سگهي ٿو. اهڙي علامتن ۾ گرم ۽ خشڪ جلد، ڪمزوري يا سستي، بخار، مٿي ۾ سور ۽ دل جي ڌرڪن تيز ٿيڻ شامل آهي.

  • زيادتي  واقعن جو فيصلو 2 مهينن ۾ ٿيڻ گهرجي: جڊيشل ڪانفرنس

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عورتن خلاف ڏوهه ختم ڪرڻ لاءِ قانون هجڻ سان گڏوگڏ عورتن جي عزت ڪرڻ به لازم آهي. اهڙو اظهار هن صنف جي بنياد تي جنسي تشدد جي واقعن ۽ عدليه جي ردِعمل جي موضوع تي فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۽ ليگل ايڊ سوسائٽيءَ جي انتظام هيٺ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 1979ع ۾ هڪ جابر پاڪستان جي مسلمانن کي بهتر مسلمان بڻائڻ لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ٺاهي، اسان جا سمورا قانون انگريزيءَ ۾ هوندا آهن، ٻن ٻولين ۾ ڇو نٿا ٿي سگهن، اڄ تائين اهو سمجهه ۾ ناهي اچي سگهيو. حدود قانون ۾ ڏوهه جي نالن کي پهريون ڀيرو عربي زبان مان ورتو ويو. هن چيو ته ريپ کي زنا بالجبر جي حد ۾ آندو ويو ۽ ان غلطيءَ کي درست ڪرڻ ۾ 27 سال لڳا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسلام واحد دين آهي، جنهن بنيادي ٿنڀ حج ۾ هڪ اهم حصو هڪ عورت جي پير جي ڇاپ يعني سعي کي رکيو. ان موقعي تي اڳوڻي جج جسٽس ناصره اقبال خطاب ڪندي چيو ته عورتون ۽ ٻار وڌيڪ جنسي تشدد جو نشانو ڄاڻ سُڃاڻ وارن جي ذريعي بڻجندا آهن. هن چيو ته جنسي تشدد ۽ زيادتيءَ جو نشانو بڻجندڙ عورت جو ڪيس خاص انتظامن ۾ هئڻ گهرجي. جنسي تشدد ۽ زيادتي جي واقعن جو فيصلو 2 مهينن ۾ ٿيڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس قاضي امين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عدالت ۾ ويٺل جج رياست جو چهرو هوندو آهي. هن چيو ته جنسي زيادتي جا 75 سيڪڙو واقعا رپورٽ ئي ناهن ٿيندا. گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي قانون ۾ ڪا گنجائش ناهي.

ڪوچه رسالدار ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ ساٿي سوڌو مارجي ويو

پشاور (م ڊ) پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ڪوچه رسالدار ڌماڪي جو اسٽر مائينڊ ساٿي سوڌو مارجي ويو. سي ٽي ڊي موجب بشتخرا جي علائقي ولي آباد ۾ ڪارروائي دوران دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڪوچه رسالدار ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ حسن شاهه ساٿي سميت مارجي ويو، دهشتگردن جو واسطو ڪالعدم تنظيم سان هو. ياد رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ پشاور جي علائقي ڪوچه رسالدار جي مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 62 ڄڻا شهيد ۽ 200 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.