15مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ 

فقير محمد سنڌي

¨ 15 مئي 1853ع تي لنڊن م ٽيون رائل اوپيرا هائوس جو افتتاح ٿيو.

¨ 15 مئي 1867ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ صوفي طريقي جو بزرگ غمدل فقير اصل نالو عبدالخالق دايو. ڳوٺ ڪچا چاچڙ تعلقي پني عاقل ضلعي سکر ۾ پير بخش جي گهر پيدا ٿيو.

¨ 15 مئي 1918ع تي آمريڪي پوسٽ آفيس، دنيا جي پھرين ايئرميل سروس شروع ڪئي.

¨ 15 مئي 1926ع تي مشھور سياستدان الاهي بخش سومرو شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش سومري جي گهر ۾ جنم ورتو..

¨ 15 مئي 1931ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر احمد خان مدهوش جوهي ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيو والد جو نالو حاجي فقير سومرو هئس.

¨ 15 مئي 1931ع تي مشھور سنڌي نثر نويس ۽ شاعر موتي پرڪاش ڳوٺ دڙي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
15 مئي 1940ع تي مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت رکيل شاهه هن دنيا کي الوداع ڪيو.

¨ 15 مئي 1940ع تي مولوي ۽ شاعر الله بخش اٻوجهو وفات ڪئي.

¨ 15 مئي 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مايه ناز غزل گو شاعر وفا ناٿن شاهي اصل نالو مشتاق ولد خيرات علي قريشي شھر بنڊيالا ضلعي امر ستر (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.

¨ 15 مئي 1957ع تي برطانيه پھرين هائڊروجن بم جو تجربو ڪيو.

¨ 15 مئي 1958ع تي اديب منصور قادر جوڻيجي ڳوٺ گهاڙي تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.

¨ 15 مئي 1959ع تي شاعر، فيض پيرزادي جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 15 مئي 1966ع تي حزب الله ولد الاهي بخش سومرو ڳوٺ ڦلواهڻ، تعلقو ۽ ضلعو خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ. ايڊيٽر، تحقيق، ترتيب ۽ مضمون نگار اٿس.

¨ 15 مئي 1967ع تي بالي ووڊ اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 15مئي 1988ع تي روسي فوجن جو افغانستان مان 8 سالن جي جارحيت کانپوءِ واپسي ڪئي.

¨ 15مئي 1991ع تي ايڊٿ ڪريسان، فرانس جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي.

¨  15مئي 1994ع تي عالمي خانداني ڏينهن جي شروعات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد سان ٿي.

¨ 15 مئي 2018ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس جو اسير، قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ۽ شاعر عمر الدين زرداري جو وڇوڙو ٿيو، آخري آرامگاهه ڳوٺ سھراب زرداري لڳ ڪڪڙ ضلعي دادو ۾ اٿس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.