پاڻي جي کوٽ جا ملڪي معيشت تي اثر۔

"راز"علي گل ڀٽو

پاڻي ھر ساھواري لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي ،ان ڪري دنيا جون آباديون ۽ تھذيبون پاڻين جي ذخيرن جي آسپاس اسريون آھن ،دنيا جي قومن ۽ ملڪن جي معاشيات ۾ پاڻي جو وڏو عمل دخل رھيو آھي ،زراعت ھجي ،ڪارخانا ھجن ،انساني زندگيون ھجن ياجانور ۽ پکي ھجن انھن سڀني جي حياتي لاءِ پاڻي ھر حال ۾ ضروري آھي ،پاڻي جا بنيادي وسيلا آھن ،ھڪ برساتي ،ٻيو دريائي ،ٽيون زير زمين جر جو مٺو پاڻي ،پاڪستان ۾ الله جي فضل وڪرم سان ٿوري گھڻي مقدار ۾ اھي ٽيئي وسيلا موجود آھن ،

آزادي وقت پاڪستان وٽ ڇهھ درياهه ھئا ،ان وقت انساني آبادي ٿوري ھئي ،ان کان علاوه زمين جو ٿورو حصو زراعت ھيٺ ھيو ،ان ڪري پاڻي جا ذخيرا وافر ھئا ،جنھن ملڪ جي معاشيات جو سئو سيڪڙو دارومدار پاڻي تي ھجي ،ان ملڪ جي معاشي منصوبه بندي ڏھاڪن سالن لاءِ ڪئي ويندي آھي ،موسم جي تبديلي سان پاڻي جي اپت ۾ گھاٽي واڌي ٿيندي رھندي آھي ،ھينئر ملڪ جي پاڻي جو خاص وسيلو دريائي آھي ،جيڪو پڻ موسمي حالتن جو محتاج آھي ،يعني يعني برساتن ۽ گليشيئرن جي ڳرڻ تي آھي ،ملڪ ۾ جر ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي ڪجھه علائقن کانسواءِ سڄو کارو آھي ،ان ڪري جر جز وقتي کپت لاءِ ٿوري وقت واسطي ڪم اچي ٿو ،اسان جي ملڪ جي آبپاشي ضرورتن لاءِ موجوده وقت ۾ ڇھن دريائن جو پاڻي به ناڪافي آھي ، پر ھينئر اسان وٽ ڇھن بجاءِ ٽن دريائن سنڌوندي ،چناب ۽ جھلم جو پاڻي موجود آھي ،باقي ٽي درياء راوي ،ستلج ۽ بياس ايوب خان جي ڪوتاه نظر حڪمراني ۾ فالتو ڄاڻائي ھندستان کي وڪڻي ڇڏيا ،جن جي رقم به چند لکن ۾ ھئي ،جنھن جو نتيجو اڄ اسان ڀوڳي رھيا آھيون ۽ مستقبل ۾ اسان جا ايندڙ نسل ڀوڳيندا ،دريائن جي وڪري وقت سنڌ ڏاڍيون رڙيون ڪيون ھيون ته اھا دريائي پاڻي جي کوٽ اسان پڇڙي وارا ڀوڳينداسي ، پر ٻوڏن کان تنگ آيل پنجاب ۽ مرڪزي حڪومتن ضد ڪري ملڪ جا ٽي درياءُ وڪرو ڪري پنھنجي شهھ رڳ پاڻ ھندستان حوالي ڪري ڇڏي ،ڄڻ ان عمل سان پنجاب ۽ مرڪز ڄڻ سک جو ساه کنيو ھيو ،ڪوتاهه نظر حاڪمن حال تي مستقبل کي قربان ڪري ڇڏيو ھيو ،

١٩٧٠کان پوءِ انساني آبادي ۽ زرعي زمين جي ايراضي به آبادي لائق وڌندي رھي ،جنھن ڪري پاڻي جي کپت ۾ به اضافو ٿيندو رھيو ،سنڌ پڇڙي جي آبادگار جي سڪڻ لڳي ،ان کوٽ جو انساني آبادي ،زراعت ،پکين ،ٻيلن ۽ جھنگلي جيوت تي سڌو سنئون پيو ۽ پئجي رھيو آھي ، اڻو يهه سؤ ستر واري ڏھاڪي ۾ پاڻي جي ورڇ ٿي جنھن تي اتفاق نه ٿيو ،وري ١٩٩١ ۾ نواز شريف جي دؤر حڪومت ۾ سنڌ جي ھڪ سيٽ واري مطاق العنان وزير اعلي ڄام صادق علي ھڪ متنازعه پاڻي معاھدو ڪيو ،جنھن کي ١٩٩١ وارو پاڻي ٺاھ چيو وڃي ٿو ،جنھن تي به پاڻي اختياري وارو ادارو ارسا انصاف وارو عمل نٿو ڪرائي سگھي ،جنھن سان ملڪ جي ھر صوبي کي پنھنجي حصي جو پاڻي ورھائي ڏنو ويو آھي ، پر ان تي منصفاڻو عمل نه ٿي رھيو آھي ،سنڌ جي ڊيلٽا ۾ ماڻھن ۽ ٻين ساھوارن کي حصي جو پاڻي ته ڇا مليو ؟ سنڌ کي زرعي حصي جو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي ،جڏھن انساني آبادي ۽ زرعي پاڻي جون ضرورتون وڌيون ،تڏھن ھندستان به ٽنھي دريائن تي بند ٻڌي ڇڏيا ،ان ڪري اتان جيڪو ٿورو گھڻو پاڻي ايندو ھيو ،اھو به اچڻ بند ٿي ويو ته کوٽ اڃان به شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي ،ليڪن ايستائين گھڻي دير ٿي چڪي ھئي ،

ارسا ۽ پنجاب چواڻي ته سنڌ ۽ بلوچستان کي انھن جي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي ٿو ،سنڌ چواڻي ته جيڪڏھن ارسا پاران پورو پاڻي ڏنو وڃي ٿو ته سنڌ جي بئراجن تي کٽل پاڻي ڇو ٿو پھچي؟ان جو مطلب آھي ته پاڻي وچ ۾ چوري ٿئي ٿو ، اطلاع موجب ارسا پاران سنڌ جي حصي جو ڇڏيل پاڻي چوٽيھه ھزار ڪيوسڪ پاڻي گھٽتائي سان گڊو بئراج وٽ پھتو آھي ،اھو کٽل پاڻي تونسا بئراج ۽ گڊو بئراج وچان چوري ٿيو آھي ،جيڪو لفٽن ،گھارن ،ٽريڪٽرن ۽ جھالن وسيلي چوري ٿئي پيو ،ان چوري کي روڪڻ لاءِ بئراجن ۽ انھن جي وچ واري فاصلي لاءِ سخت چوڪيداريجي ضرورت آھي ،جنھن لاءِ پڻ ھڪ نظام ۽ انتظام جي ضرورت آھي ،اترين علائقن ۾ برساتون گھٽ پوڻ ۽ گرمي گھٽ ھجڻ سبب برف جي ڳار ۾ گھٽتائي ٿي آھي ،جنھن سان دريائي وھڪرن تي برو اثر پوي ٿو ،جنھن کوٽ کي پڇڙي ۾ ھجڻ ڪري سنڌ ۽ بلوچستان کي ئي ڀوڳڻو پوي ٿو ،ان کوٽ جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير ضروري سياسي ۽ سماجي رنجشون پيدا ٿين ٿيون ،اھڙين حالتن جو علاڄ جيڪڏھن وڌيڪ بند اڏڻ ۾ آھي ته ماضي جي تجربن ۽ ناانصافين ھوندي مستقبل ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورھاست جي ضمانت ڪھڙي ھوندي؟انھن بندن مان اڳتي ھلي چشما جھلم لنڪ ڪئنال جھڙا واه وھايا ويا ته پوءِ پڇڙي جي علائقن ۽ عوام جي واھر ڪير ڪندو؟جڏھن ته چشما جھلم لنڪ ڪئنال صرف ٻوڏ جو واهه ھيو ، جيڪو ھاڻي سينا زوري تي ٻارھو ئي وھايو ٿو وڃي ،بنا اتفاق جي جڙندڙ منصوبا قومي ۽ ملڪي وحدت لاءِ ھاڃيڪار ٿيندا آھن ،

پاڻي جي موجوده کوٽ ڪا اوچتي ڪانھي ،اھا گذريل موسم کان وٺي جاري آھي ،جنھن جو اثر لھندڙ ڪڻڪ جي فصل جي پيداوار تي به پيو ۽ في ايڪڙ پيداوار ۾ چئن کان پنجن مڻن جي کوٽ ٿي آھي ،جنھن ڪري مستقبل ۾ غذائي کوٽ جو به انديشو آھي ،جيڪا خطري جي گھنٽي پڻ آھي ،سنڌجي گھڻي تڻي معاشي سگهھ زراعت تي دارومدار رکي ٿي ،زراعت وري پاڻي جي محتاج آھي ،سنڌ جو جر کارو ۽ برسات نه ھجڻ جي برابر آھي ،ان ڪري دريائي پاڻي جي کوٽ زميني ۽ انساني آباديءَ تي گھڻو اثر ڪري ٿي ،خاص ڪري ڏاکڻيان پڇڙيجا آبادگار ۽ زميندار گھڻو ڀوڳين ٿا ،جن جي ٻاڪار ھاڻي زور وٺندي پيئي وڃي ،سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري جھيڙا ٿيڻ معمول بڻجي ويو آھي ،ڳالھه اھا به سچ آھي ته پاڻي جي چوري سنڌ جي بئراجن وارن وچ وارن علائقن مان جھٽن ،گھارن ،لفٽ مشينن ۽ ھٿرادو بندن ذريعي به ٿئي ٿي ، پر بئراجن مان نڪرندڙ واھن ۽ واھن مان نڪرندڙ شاخن مان به جھٽن ، جھالن ، پائيڀن ،گھارن ،لفٽ مشينن ذريعي به يا ماڊولن کي زوري ڀنڃي پيچن وڌائڻ سان به پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ،ايتري قدر جو غير قانوني شاخون ۽ واٽر ڪورس به وھايا وڃن ٿا ،ان کوٽ کي ھر ساهه وارو ڀوڳي ٿو ،

ڪجهھ عرصو اڳ واھن ،شاخن ۽ واٽر ڪورسن تي رينجرس ۽ پوليس جو پھرو لڳايو ويو ھيو ،جنھن سان غير قانوني پيچون بند ڪرايون ويون ھيون ،جنھن سان پاڻي کوٽ جو گھڻيون دانھون گھٽجي ويون ھيون ،پاڻي کوٽ ۾ آبپاشي عملي جي سستي ،ڊيوٽي نه ڪرڻ ۽ مٺ گرم ڪرڻ جو رواج عام ٿيڻ به شامل آھي ،ھاڻي جيڪڏھن آبپاشي عملي جي چؤڪسي ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ چوري روڪڻ لاءِ ساڳيو رينجرس ۽ پوليس جو پھرو لڳايو وڃي ۽ سياسي اثر رسوخ بند ڪرائي به گھڻي ڀاڱي پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏيئي سگھجي ٿو ،ورنه سنڌو درياھ ھاڻي پوڙھو ٿيڻ بجاءِ پوئين پساھن ۾ آھي ،واھن ۽ شاخن مان واري ٿي اڏامي پئي ،سکر بئراج کان ھيٺ سنڌو جا وھڪرا دٻن ۾ بدلجي ويا آھن ، درياهه جي پيٽ واري چيڪي مٽي ڦوٽون کائي ڦاٽي پئي آھي ،اڳي پاڻي جي کوٽ ڪري ٿر ۽ غير بئراجي باراني علائقن جا ماڻھون لڏ پلاڻ ڪندا ھئا ،مگر ھاڻي کوٽ جي شدت ايتري وڌي ويئي آھي جو بئراجي علائقن جا پڇڙيءَ وارا ماڻھون به لڏ ڀلاڻ ڪري رھيا آھن ،فصل پوکڻ ته ماڻھن کان وسري ويا آھن ،ماڻھن کي سر ۽ مال بچائڻ جي اچي لڳي آھي ،سنڌ جي فصلن ڪمند ،ڪڻڪ ،ڪيلو۔ڪپهھ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي ، فصل سڪي رھيا آھن ، ڌرتيءَ مان باهه جا الا اٿي رھيا آھن ،پاڻيءَ جي گھڻي دير جي کوٽ سان ملڪ جو معاشي ڏيوالو نڪري ويندو نه رڳو ايترو مگر گھر گھر جھيڙا ٿيندا ۽ حڪومت لاءِ امن امان جو وڏو مسئلو پيدا ٿي سگھي ٿو ،ان ڪري ھيمسئلو ترت ڌيان طلب آھي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.