آصف زرداري خلاف 25 سال پراڻن ڪيسن جي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 25 سال پراڻن ڪيسز ۾ نيب اپيلون هڪ دفعو ٻيهر ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ سومر جي ڏينهن ٻڌڻي ڪندو. عدالت نيب کي وڌيڪ عدالتي وقت ضايع نه ڪرڻ ۽ ڪيس جي تياري جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. نيب آصف زرداري جي اُرسس ٽريڪٽر، اي آر واءِ گولڊ ريفرنس ۾ بريت کي چئلينج ڪيو آهي، ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز ۾ به آصف زرداري جي بريت خلاف نيب اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي. نيب 7 سال اڳ آصف زرداري جي بريت خلاف اپيل داخل ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.