جرمن اسڪول اورنگي ٽائون جي زمين تان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ڪوٽر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جرمن اسڪول اورنگيٽائون جي زمين تي حدخليون واري ڪيس ۾ ڊي آءِ جي ويسٽ کي اسڪول جي زمين تان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ۾ ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته لاڳاپيل آفيسر بيمار ٿي ويو آهي، ان ڪري لي آئوٽ پلان پيش نه ڪري سگهيا آهيون، عدالت گرمين جي موڪلڻ کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ماسٽرپلان ۽ مڪمل رپورٽ گهري ورتي آهي، ساڳي عدالت لياقت آباد ۾ غير قانوني اڏاوت واري ڪيس ۾ ايس بي سي اي جي آفيسرن جي هٿ سان لکيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت آفيسرن جي خلاف رپورٽ 15 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.