ڪراچي ۾ اي ٽي ايم بوٿ ۾ عورت بيهوش، تالو ٽوڙي ٻاهر ڪڍيو ويو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي سعيد آباد ٿاڻي جي حد نيول ڪالوني ۾ اي ٽي ايم بوٿ ۾ عورت بي هوش ٿي وئي . مددگار 15 جي بروقت ڪارروائي، 05 منٽن ۾ موقعي تي پوليس پھچي مددگار 15 اي ٽي ايم جو تالو ٽوڙي  اندر عورت کي بيهوشي واري حالت ۾ ڏٺو ويو . عورت کي ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچايو ويو .

چوڌري شجاعت جو ٽوئيٽر تي شموليت جو اعلان

ڪراچي (عوامي  آواز نيوز) سينيئر سياستدان چوڌري شجاعت آخرڪار ٽوئيٽر اڪائونٽ ٺاهي شموليت جو اعلان ڪيو آهي، چوڌري شجاعت جو چوڻ آهي ته هو اڳ ٽوئيٽر تي نه هو ان ڪري اڳ وارن ٽوئيٽر اڪائونٽن سان سندس يا سندس خاندان جو ڪو به تعلق نه آهي، هن چيو ته اڄ سياسي گهرج هئي ته ٽوئيٽر تي ذاتي طور اچي ماڻهن تائين پنهنجو  پيغام پهچائجي، سياسي جي ان گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ ذاتي ٽوئيٽر اڪائونٽ ٺاهيو آهي.

سون 700 رپين جي لاٿ بعد وري 600 رپيا مهانگو

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ واڌ سامهون اچي وئي. سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 600 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 35 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 514 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 16 هزار  512 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجڻ سان 1813 ڊالر في اونس آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.