وڍ ڀرسان حادثو، ٽنڊو آدم واسي 6 پورهيت فوت، 5 زخمي

ٽنڊو آدم/حب (رپورٽ:سليمان ساند+يار محمد بروهي ) ٽنڊو آدم مان بلوچستان مزدوري لاءِ ويل پورهيتن سان حادثو بُهھ جي ڀريل ٽرڪ ۽ ٻن ٽرالرن ۾ ٽڪر   ٽرڪ  کاهي ۾ ڪري پئي  هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ڀاتين  سميت 6 ڄڻا فوت 5 زخمي لاش ٽنڊو آدم آندا ويا سوڳ وارو ماحول رپورٽ موجب بلوچستان جي علائقي وڍ ڀرسان رستم آباد بس اسٽاپ وٽ ٻن  ٽرالرن ۽ هڪ ٽرڪ  کي بچائيندي بهھ سان ڀريل ٽرڪ کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽنڊي آدم جي خاصخيلي برادري جي هڪ ئي ڪٽنب جا 4 پورهيت 17 سالن جو محمد وسيم پٽ مقيم احمد ، 32 سالن جو امام الدين پٽ جاني ، 23 سالن جو علي نواز پٽ اسحاق ، 26 سالن جو ميرل پٽ علي شير جڏهن ته ڀيل برادري جا 2 ڄڻا 22 سالن جو بيرم پٽ ڏنو ۽ 20 سالن جو شيوو پٽ چنو جيڪي بهھ جي ٽرڪ مٿان ويٺل هئا دٻجي فوت ٿي ويا جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن انهن ۾ جميل خاصخيلي ، شڪيل خاصخيلي ، بادل خاصخيلي ، شھزاد خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آھن زخمين ۽ فوتين کي علائقي واسين ۽ حد جي پوليس تعلقه اسپتال وڍ  پهچايو  جتان قانوني ڪاروائي بعد فوتين جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمين کي به طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي ٽنڊو آدم کڻائي آيا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي قهرام مچي ويو ۔ فوتي ۽ زخمي پورهيتن سميت 11 ڄڻا عيدالفطر جي ٽن ڏينهن بعد مزدوري سانگي بلوچستان ويل هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.