خوش فهميءَ جو شڪار عمران جون رياستي ادارن کي ڌمڪيون، دٻاءُ

لاهور (عوامي آواز  نيوز) آمريڪي سازش ذريعي امپورٽيڊ حڪومت ۽ سازش ۾ مير جعفر ۽ مير صادق ملوث هجڻ وارن بيانن کانپوءِ عمران خان جي نشاني تي هاڻي رياستي ادارا اچي ويا آهن، جيڪا انتهائي خطرناڪ سوچ آهي، نامياري تجزئي نگار  امتياز عالم پنهنجي تجزئي ۾ چيوآهي ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته عمران خان اهڙوڪهڙو ڪارنامو انجام ڏنو جو دنيا جي سپر پاور کي عمران خان مان خطرو ٿيو ۽ ان ملڪ جي هڪ درجن پارٽين کي گڏ ڪيو،  رياستي ادارن کي پاڻ سان ملائي پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ڪئي، ڪپتان چئي ٿو ته بلاول آمريڪا ان لاءِ وڃي ٿو ته هو آمريڪين کي ڊيڄاريندو ته عمران خان مان جان ڇڏائڻ لاءِ  مدد ڪيو،امتياز عالم جوچوڻ آهي ته عمران جهڙو خوشفهمي ۽ غلط فهميءَ  جو شڪار شخص نه ڏٺو ۽ نه ٻڌو آهي. هاڻ رياستي ادارن کي به سازش ۾ ملوث ڪري غدارن ۾ شامل ڪري رهيو آهي ۽ باقاعده چارج شيٽ ڏئي رهيو  آهي، پاڪستان ته هاڻي آمريڪا لاءِ وسريل اتحادي آهي ڇو ته افغانستان  مان نڪرڻ کانپوءِ آمريڪا لاءِ پاڪستان جي ڪابه اهميت نه رهي آهي، عمران خان وڏو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته هن معيشت ٺيڪ ڪئي، ملڪ جي پوري تاريخ ۾ 24 کرب ڊالر قرض ورتو ويو ۽ پي ٽي آءِ  حڪومت جي ٽن سالن ۾ 30 کرب ڊالر قرض ورتو ويو، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 56 سئو ارب بجيٽ خسارو آهي، ان کي چئي ٿو ته معيشت ٺيڪ ڪئي هئي، امربالمعروف جو حوالو ڏئي هاڻي رياستي ادارن کي ڌمڪيون ڏئي دٻاءَ ۾ آڻڻ چاهي ٿو، چئي ٿو ته لکين ماڻهن جو سمنڊ اسلام آباد ايندو ۽ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ٿيو ته عوامي سمنڊ سڀ ڪجهه لوڙهي ويندو، معنيءِ مان نه ته ڪير به نه، ٻي صورت گادي شهر کي يرغمال بڻائيندو، امتياز عالم جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا مهيني اندر حقيقتون عوام آڏو آڻي ٻيو حڪومتي اتحادي هڪ رهبر ڪائونسل جوڙي اهو فيصلو ڪن ته حڪومت 4 مهينا ڪرڻي آهي يا ايندڙ مارچ ۾ چونڊون ڪرائڻيون آهن، ٽيون پي ٽي آءِ کي به پارليامينٽ ۾ واپس اچڻ گهرجي حڪومت به پي ٽي آءِ کي چونڊ سڌارن واري عمل ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي، اهو ئي سياسي ڇڪتاڻ جي خاتمي جو حل آهي، باقي عمران خان جيڪو چيو آهي ته هو اسلام آباد واري عوامي سمنڊ کي اخلاقيات سمجهائندو ته خدا واسطي ڪپتان اهڙو ظلم نه ڪجو ڇو ته اوهان جنهن، اخلاقيات کي پروان چڙهايو آهي، ان کان پناهه گهرون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.