ڪراچي ( رپورٽر ) حيدرآباد مان 14 ورهين جي ريما علي نالي ڇوڪري گم ٿي وئي . ڇوڪري صبح 11 وڳي حيدرآباد مان اسڪول مان گم ٿي وئي . وارثن اسڪول ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو پر ڇوڪري جو ڪو به اطلاع نه مليو . ڪراچي ۾ نجي ٽي وي چينل جي آفيس ٻاهران رات 3.30 وڳي اڻڄاتل شخص ڇوڪري کي ڇڏي فرار ٿي ويو. ڇوڪري کي ميٽروول واري علائقي ۾ نيم بي هوش حالت ۾ ڇڏيو ويو . ڇوڪريءَ جي هوش ۾ اچڻ بعد والدين ۽ اسڪول انتظاميا کي اطلاع ڏنو ويو . ريما نالي ڇوڪري کي طبي امداد لاءِ عباسي اسپتال آندو ويو آهي . ڇوڪريءَ جي والدين ڇوڪريءَ کي ڳولي ورتو آهي پر اڃا تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ڇوڪري ڪراچي ڪيئن پهتي . سنڌ پوليس هن وقت خاموش تماشائي بڻيل آهي .