پيٽرول تي سبسڊي ختم ٿيڻ واري، اگهه في ليٽر 195 رپيا ٿي ويندو

اسلام آباد(م ڊ) اوگرا حڪومت کي پيٽروليم اسمن تي وڌندڙ سبسڊي کان آگاهه ڪري ڇڏيو، پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافي بابت فيصلو اڄ متوقع آهي جنهن ۾ ڏني ويندڙ سبسڊي کي مرحليوار ختم ڪري سگهجي ٿو، ذريعن موجب حڪومت في ليٽر پيٽرول تي 29 رپيا 60 پئسا سبسڊي ڏيندي آهي ۽ 16 مئي کان في ليٽر تي سبسڊي جي اها رقم 45 رپيا 14 پئسن تائين پهچي ويندي، سموري سبسڊي ختم ڪريون ٿا ته  في ليٽر پيٽرول 45 رپيا 15 پئسا وڌائڻا پوندو جنهن جي نتيجي ۾ في ليٽر پيٽرول 195 رپين جو ٿي ويندو، ڊيزل تي هن وقت 73 رپيا 4 پئسا سبسڊي آهي، 16 مئي کان ڊيزل تي سبسڊي 85 رپيا 85 پئسن تائين پهچي ويندي جڏهن ته مڪمل سبسڊي ختم ڪرڻ سان ڊيزل جي قيمت 230 رپيا في ليٽر تائين پهچي سگهي ٿي، سبسڊي ختم ڪرڻ سان گاسليٽ جي قيمت 176 رپيا ليٽر ٿي ويندي، لائيٽ ڊيزل تي هن وقت سبسڊي 64.70 رپيا آهي 16 مئي کان اها سبسڊي 68 رپيا في ليٽر ٿي ويندي، لائيٽ ڊيزل جي مڪمل سبسڊي ختم ٿيڻ سان في ليٽر قيمت 186 رپيا 31 پئسا ٿي ويندي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پيٽرول، بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو اتحادين سان گڏجي ڪنداسين، مسلم ليگ  ن معاشي فيصلن جي قيمت اڪيلي ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان غلط شرطن تي معاهدو ڪيو ويو، پيٽرول جو اگهه وڌائڻ بدران گهٽ ڪيو ويو، نااهل ۽ نالائق ٽولي ملڪ جي معيشت ويهاري ڇڏي، هن چيو ته سبسڊي ختم ڪرڻ سان مهانگائي ايندي، پ پ اڳواڻ نيئر حسين بخاري چيو ته سبسڊي رڳو معاشي نه بلڪه سياسي اشو به آهي، پاڪستان جي معيشت اهڙي ناهي ته نقصان برداشت ڪري ۽ 100،125 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي سگهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.