سجاول ۾ پاڻي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي ريلي، ڌرڻو

سجاول (ڊ ر)سجاول ۾  پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي مامون لاڏو چوڪ کان ريلي ڪڍي ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو  احتجاج ۾ آبادگارن سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مظاھرو ڪندڙن پاران آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي انهي دوران مظاھرو ڪندڙن کي ڏسي آبپاشي انجنئر سميت عملدار آفيس مان کسڪي ويا ان موقعي تي ايس ٽي اڳواڻ واحد خاصخيلي جمن سنڌي شهري اتحاد جي اڳواڻ نثار ميمڻ ايڊوڪيٽ سلطان کوسو ايس يو پي ضلعي صدر گل حسن رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سجاول جي سڀني شاخن، واهن  ۾ پاڻي بجاء واري اڏامي رھي آھي اسانجا فصل سڪي سڙي ختم ٿي ويا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.