شرجيل انعام ميمڻ پاران بي آر ٽي ريڊ لائين پروجيڪٽ روٽ جو دورو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائين پروجيڪٽ جي روٽ جو دورو ڪيو. ٽرانس ڪراچي جي  روٽ  تي جناح ايوينيو ٽينڪ چوڪ جي ويجهو ڊرين لائين ۽ ٻين يوٽيلٽز جي منتقلي بابت بريفنگ. صوبائي وزير ٽرانس ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ، واٽر بورڊ ۽ٻين لاڳاپيل يوٽيلٽي ڪمپنين سان رابطو ڪري سمورين يوٽيلٽي لائينن جي منتقلي جو ڪم هڪ هفتي  اندر مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن روٽ ٺيڪيدارن جي حوالي ڪيو وڃي. صوبائي وزير لاٽ ون جي ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي ڪيمپ آفيس جو به دورو ڪيو ۽ سائٽ تي پھچايل  هيوي مشينر جو معائنو ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته وڌيڪ مشينري سائيٽ تي پهچائي وڃي ته جيئن لاٽ ون ۾ ڪليئر حصن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. صوبائي وزير لاٽ ون ٽينڪ چونڪ  کان سفوران ۽ لاٽ 2 سفوران کان بيت المڪرم مسجد گلشن اقبال تائين بي آر ٽي ريڊ لائين جي روٽس جو به دورو ڪيو. صوبائي وزير روٽ تي انڊرپاسز، فلائي اوورز ۽ يوٽرن جي جڳهن جو  معائنو ڪيو. صوبائي وزير ٽرانس ڪراچي کي هدايت ڏيندي چيو ته ضلعي انتظاميا اوڀر سان رابطو ڪري سفوران چورنگي تي حددخلين جو خاتمو ڪيو وڃي ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو، سي اي او ٽرانس ڪراچي واصف اجلال، پروجيڪٽ ڪنسلٽنٽ سهيل عابدي، لاٽ ون ۽ ٽوڪنسٽرڪشن ڪمپني جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.