حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل، عدالت ۾ پيش نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني جي صوبائي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ خانگي چينل خلاف هتڪ عزت جي دعويٰ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت ۾ صوبائي وزير سعيد غني پيش ٿيو، جڏهن ته حليم عادل شيخ پيش نه ٿيو، عدالت ۾ وڪيل جي معرفت حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي، جيڪا عدالت منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 4جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت ۾ حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته منهنجي مئوڪل کي حراسان ڪيو پيو وڃي، ٻي پاسي حليم عادل شيخ خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت سرڪاري ملازم عبدالوليد گلشن معمار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي ته حليم عادل شيخ هن کي قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيون ۽ ڪيس داخل ڪرڻ ۾ قتل ڪرڻ جي ارادي ۽ ڌمڪين جا قلم شامل ڪيا ويا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.