قهر جي گرمي، جيڪب آباد ۾ پارو 50 ڊگري تي پهچي ويو

ڪراچي/ سکر  (نمائندا) سموري ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي ۽ اڄ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته سبي ۽ دادو ۾ پارو 49 رهيو، موسميات کاتي موجب نوابشاهه، سکر ۽ ڊيرا غازي خان ۾ 48، لاڙڪاڻي ۾ 46، ملتان ۾ 45، لاهور، سکر ۽ پشاور ۾ 44، فيصل آباد، سرگودها ۽ جهنگ ۾ 43، اسلام آباد، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 41، ڪوئٽه ۾ 38، گلگت ۾ 35 ۽ ليه ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 20 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاکڻي علائقن ۾ هڪ هفتي دوران سخت هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب گرمي جي تازي لهر 16 مئي تائين برقرار رهي سگهي ٿي. چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته 11 کان 4 وڳي دوران شهري ٻاهر نڪرڻ ۾ احتياط ڪن.ٻئي طرف سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر ۾ به گرمي جو موسم ايندي ئي شهر جي مختلف علائقي ۽ روڊن تي ٿڏي شربتن جا جنهن ۾ گجر، صوف، گمند سميت ٻين فروٽن جي جوسن ۽  قلفين جون ريڙهيون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته گرمي ۾ اضافي کانپوءِ شهرين پڻ شربتن جي ريڙهين ۽ اسٽالن جو رخ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، هوڏانهن مختلف علائقن جي دڪاندارن پاران گرمي سبب برف جا ريٽ به آسمان سان پڄائي ڇڏيا آهن، سکر ۾ گرمي ۾ اضافي سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن جنهن سبب روڊن تي ٽرئفڪ جي رواني پڻ معمول کان گهٽ آهي ۽ روڊ ويران نظر اچي رهيا آهن، ٻي پاسي سخت گرمي جي ستايل ماڻهن کي سکر اليڪٽرڪ پاور ۽ سيپڪو انتظاميه پاران بجلي جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ۽ اک ٻوٽ ويتر پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب شهري ٻٽي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.