پيٽرول ۽ ڊالر مهانگو ٿيڻ جو ذميدار عمران نيازي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪندڙ ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هي ملڪ کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، عمران خان ملڪ ۾ انتشار چاهي ٿو، هي سمجهي ٿو ته گارين ۽ ڌمڪين سان پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائي وٺندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته عوام ان کان انهن جي ڪارڪردگي تي سوال نه پڇي، سازش جو بيانيو اختيار ڪري پنهنجي ڦرلُٽ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کان عوام جون نظرون نٿيون هٽائي سگهجن. اڄ پيٽرول، ڊالر تي مهانگائي جي شرح جٿي پهتي آهي، ان جو ذميدار عمران نيازي آهي، چار سال ڦُرلُٽ ڪندڙ نااهل ٽولو چار هفتا پهرين ايندڙ حڪومت کان سوال ڪري رهيو آهي، عمران نيازي کي سوال جو جواب ڏيڻو آهي، سوال ناهي پڇڻو، عمران خان ڪهڙي حيثيت سان خيبرپختونخوا جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪري رهيو آهي؟سيالڪوٽ جلسي جي لاءِ مذهبي ماڳ جي چونڊ ناقابل قبول آهي، تحريڪ انصاف کي ڪنهن جلسي ڪرڻ کان ناهي روڪيو، مسيحي برادري جي جذبن جو احترام ڪرڻ بدران هنن انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير چيو ته سيالڪوٽ جلسي جي لاءِ خيبرپختونخوا جي سرڪاري هيلي ڪاپٽر جو استعمال ڪيو پيو وڃي، هيلي ڪاپٽر ڪيس، بي آر ٽي، پشاور، مالم جبا سميت سمورا ڪيس پاڪستان جي عوام کي ياد آهن، عمران نيازي خيبرپختونخوا جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر ڪهڙي حيثيت سان استعمال ڪري رهيو آهي، هن چيو ته فوڊ ايٽمز تي سڀ کان گهٽ مهانگائي جي شرح 2018ع ۾ 2.3 سيڪڙو هئي جڏهن ته گذريل چئلن سالن ۾ اها شرح 2.3 سيڪڙو کان وڌي 15 سيڪڙو تائين ٿي وئي، هن چيو ته جڏهن کيس خبر پئي ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ واري آهي ته هي بارودي سرنگون وڇائي ويو، ان سان مسلم ليگ (ن)  ۽ اتحادي پارٽين جي حڪومت عوام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن  چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تمام جلد قوم کي خطاب ڪري پنهنجي حڪمت عملي کان آگاهه ڪندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.