سي ٽي آءِ گرائونڊ ۾ جلسي تي اقليتي برادري اعتراض ڪيو: حمزا شهباز

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ سي ٽي آءِ گرائونڊ ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ڪرڻ تي اقليتي برادري کي اعتراض آهي، ان ڪري ان گرائونڊ تي جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هاڻي انتقام بدران قانوني ڪاروائي ڪنداسين ۽ عمران نيازي کي سيکارينداسين ته آئين ۽ قانون توهانجي ڪوڙي انا کان وڌيڪ آهي. هو ڇنڇر تي هتي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. حمزه شهباز چيو ته عمران نيازي تماشا لڳائيندو رهي ڪا پابندي ناهي پر هاڻي سندس ڪوڙ ختم ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.