منهنجي قتل جي سازش پئي ٿئي، طاقتور عهدن تي ويٺل ڪرپشن کي خراب نٿا سمجهن: عمران خان

سيالڪوٽ(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي قتل جي سازش ٿي رهي آهي، سازش جي مون کي خبر هئي ڪجهه ڏينهن اڳ پورو علم ٿيو آهي، سيالڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون هڪ وڊيو رڪارڊ ڪرائي آهي، هڪ محفوظ جاءِ تي رکي آهي، وڊيو ۾ گذريل گرمين کان هيل تائين سازش ۾ ملوث ڪرپٽ ٽولي  جي هڪ هڪ شخص جو نالو ٻڌايو آهي، جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته وڊيو قوم آڏو ايندي ته جيئن سمورن پاڪستانين کي خبر پئي ته ڪير ڪير ملوث هو، هن چيو ته سڀني جا نالا کنيا آهن ڪير ڪير منهنجي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ملوث هو، سڀني جون شڪلون نظر اچن ته ڪير ڪير غداري ڪري رهيو هو، ڪير اڳتي اهو سڀ ڪرڻ وارو آهي، هن چيو ته ساڍا ٽي سال ڪوشش ڪئي ته جيڪي 30 سالن کان ملڪ لٽي رهيا هئا انهن کي سزا ٿئي، طاقتور عهدن تي ويٺل هئا جن کي انصاف ڪرڻو هو اهي ڪرپشن کي خراب نه سمجهندا هئا جيڪڏهن توهان انهن چورن خلاف نه نڪرندا ته ملڪ تباهه ٿي ويندو، هن چيو ته نوازشريف ڪڏهن سچ نه ڳالهايو، لنڊن ۾ ويهي هر قسم جي سازش ڪئي ، اها سازش اها آهي ته عمران خان جي جان ورتي وڃي، نوازشريف بزدل آهي، تو سان گڏ ملڪ جي وڏي بيماري زرداري ۽ ڊيزل جوپرمٽ وڪڻندڙ به هو، هن چيو ته خواجا وينٽي ليٽر چئي ٿو ته اسان جو ملڪ وينٽي ليٽر تي آهي، هن ملڪ کي وينٽي ليٽر تي ڪنهن وڌو؟ انهن ٻنهي خاندانن ملڪ لٽي مقروض ڪري ڇڏيو، هن چيو ته شهبازشريف، حمزاشريف ۽ هن جي مفرور پٽ سلمان شهباز خلاف 24 ارب رپين جي بدعنواني جا ڪيس هلي رهيا آهن، ايف آءِ اي جو آفيسر ڊاڪٽر رضوان سخت دٻاءُ ۾ اچي دل جي دوري سبب مري ويو، ايف آءِ اي جي هڪ ٻئي آفيسر کي به جمعي ڏينهن دل جو دورو پيو آهي، هن عدليه کي مخاطب ٿيندي چيو  ته مان ڪو ايترو خطرو هو ته منهنجي لاءِ رات 12 وڳي عدالتون کوليون ويون، هن چيو ته اڄ اهي ميڊيا هائوس ڪٿي آهن، جيڪي مهانگائي جون رپورٽون ڏيندا هئا، هاڻي اهي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي رهيا آهن،رپيو ڪري رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي آهي، ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿي رهيا آهن، صنعتي پيداوار رڪجي وئي آهي، هن چيو ته هاڻي اهي آمريڪا کان خيرات گهرندا، بلاول آمريڪا وڃي رهيو آهي، بلاول ياد رکجان ته انهن جي ايجنسين کي خبر آهي ته توهان جا پئسا ڪهڙين بئنڪن ۾ پئسا رکيل آهن، هڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي  بلاول جي والده کيس ٻڌائي رهي آهي ته هن جا پئسا ڪهڙين بئنڪن ۾ رکيل آهن، بلاول نوازشريف وانگر انهن جي اکين ۾ اکيون وجهي نه ڳالهائيندو، هن چيو ته جڏهن اسلام آباد اچو ته ڪنهن رڪاوٽ کان نه گهٻرائجو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.