ڊيرا بگٽي جي پير ڪوهه ۾ گيسٽرو ۾ خطرناڪ واڌ، هزارين مبتلا، احتجاج

گيسٽرو سبب 20 ڄڻا فوت ۽ ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مبتلا آهن، رهواسي

ڪوئيٽا(م ڊ) ڊيرا بگٽي جي تعلقي پير ڪوهه ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪرڻ سبب گيسٽرو جي مريضن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي، صاف پاڻي فراهم نه ڪرڻ خلاف رهواسين احتجاج ڪيو آهي، رهواسين موجب گيسٽرو سبب 20 ڄڻا فوت ۽ ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مبتلا آهن، جڏهن ته ڊي ايڇ او ڊيرا بگٽي جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن ۾ 210 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 15 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي. رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته علائقي کي آفته سٽيل قرار ڏئي خوراڪ، دوائون ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.