مني لانڊرنگ، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو

لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز مٿان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي. لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز شريف خلاف شوگرملز ڪاروبار ذريعي 16 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز عدالت ۾ پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي جڏهن ته ان جو والد پيش نه ٿيو ۽ هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي. وزيراعظم جي وڪيل امجد پرويز پنهنجي موقف ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ پرڏيهه ۾ آهي. کيس چيلهه ۾ تڪليف جو مسئلو آهي. فاضل جج ريمارڪس ڏنا ته شهباز شريف کي پرڏيهي ملڪ دوري جو شيڊول تبديل ڪرڻ گهرجي ها. ڇو ته اڄ معمول جي پيشي نه هئي.، وزيراعظم جي وڪيل امجد پرويز چيو ته گذريل حڪومت واري دور ۾ اسان جي خلاف گواهن پنهنجي بيانن ۾ ڪنهن به ڏوهه جو ذڪر ناهي ڪيو. هن ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد روبرو ويهي گواهن جا بيان لکرايا. جنهن کان پوءِ وزيراعظم جي حاضري کان معافي جي استدعا منظور ڪندي 21 مئي تي وزيراعطم ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي ٻيهر فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو ۽ ٻنهي جي عبوري ضمانت ۾ به واڌ ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.