اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مديني جي رياست جو نالو وٺي ڪري پنهنجو سياسي دڪان چمڪائيندڙ عمران نيازي ملڪ ۾ مذهبي انتشار ڦهلائي رهيو آهي آهي، گرجا گهرن کي جلسي گاهه بنائڻ جي ڪوشش ڪري مسيحي برادري جي مذهبي جذبن کي ڀڙڪايو ويو، عمران نيازي رياست پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته عمران خان جو قتل جي سازش بابت بيان نئون ڊرامو آهي. .