پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي ڪڏهن به معاف نه ڪنداسين: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت ۾ چيني شهرين جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين کي نشانو بنايو ويو. پاڪستان کي دهشتگردي جي واقعن ۾ چيني شهرين جي فوتگين تي ڏک آهي. اسان ڪراچي ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو لازوال آهي جيڪو ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيندو ۽ اسان جي چيني شهرين جي خاندان سان همدردي آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين، انجنيئرز ۽ استادن جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيني شهرين کي نشانو بنائڻ پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. پاڪ چين دوستي رياست ۽ عوام جي سطح تي آهي. جڏهن ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي يقيني بنايو ويندو. هن چيو ته بلوچن جي حقن جو بهانو بنائي ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪئي وئي. اسان جي ثقافت ۾ مهمان نوازي کي دنيا ڄاڻي ٿي پر مذهب جو استعمال ڪري اسان جي شهرين کي دهشتگردي جو نشانو بنايو ويو.اسان پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي معاف نه ڪنداسين.ٻي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  زرداري جي صدارت هيٺ پ پ سان لاڳاپيل وفاقي وزيرن جو  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيرن پنهنجي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان ملڪ جي معيشيت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر اسان کي عوام کي هر صورت ۾ رليف ڏيڻو آهي، هن وزيرن کي هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي پاڻ تائين ۽ پنهنجي آفيس تائين پهچ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.