ڪنهن تڪراري شخصيت کي ” اداري“ جو سربراهه نه هئڻ گهرجي: جاويد لطيف

لاهور(م ڊ) وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته سياستدانن تي الزام لڳن ٿا ۽ احتساب عوام ڪندو آهي، پر ڪنهن تڪراري شخصيت کي ڪنهن اداري جو سربراهه نه هئڻ گهرجي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان قومي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي، هو ۽ سندس ساٿي مذهب جي حوالي سان ڳالهيون ڪري باهه سان کيڏي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهين ٿا، هن چيو ته انشاءَ الله اشتهاري نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.