عمران نيازي ۽ سندس ساٿي سريلنڪا جهڙي سازش پيا ڪن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ،ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ  کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران نيازي لا علاج بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. عمران نيازي ۽ سندس حواري خوفناڪ راند کيڏي رهيا آهن، ملڪ ۾ سريلنڪا جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هڪ کان ڏيڍ مهيني جي عرصي ۾ انهن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي. عمران نيازي سموريون ريڊ لائينون پارڪري ڇڏيون آهن. کليل طريقي سان رياستي ادارن تي حملو ڪري رهيو آهي. هي پاگل ماڻهو چوي ٿو ته پاڪستان تي ايٽم بم ڪيرايو وڃي ھا . عمران نيازي صاحب ايٽم بم پاڪستان تي  نه پر تنهنجي شر انگيزي ڦهلائڻ تي ڪيرايو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جو باشعور عوام رياستي ادارن تي توهان کي ڊرون حملا ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو عمران نيازي پنهنجي زبان کي لغام ڏئي. ادارن خلاف ڪريل زبان استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري، نه ته عمران نيازي عوام جي غصي کان نه بچي سگهندو. هن چيو ته عمران نيازي جي دور ۾ پاڪستان ڪرپشن انڊيڪس ۾ سڀ کان اڳتي آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.